مرتضيٰ وهاب کي قانون واري وزارت جو قلمدان ڇڏڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون صلاحڪار مرتضيٰ وهاب صديقي جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏنو آهي جڏهن ته مرتضيٰ وهاب کي لا ڪاليج جي بورڊ آف گورنرز جي اڳواڻي تان هٽائڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي اڱاري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ 2 رڪني بئنچ قانون واري صلاحڪار مرتضي وهاب صديقي جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ قانون واري صلاحڪارن جي مقرري غير قانوني قرار ڏيئي ڇڏي درخواست ڪندڙ فريد دايو موقف اختيار ڪيو هو ته آئين ۾ صلاحڪار کي کاتو نٿو ڏيئي سگهجي مرتضيٰ وهاب صديقي جو هڪ سياسي پارٽي سان تعلق آهي جڏهن ته ان وٽ نه ته ڪوئي قانوني ۽ نه ئي ٽيچنگ جو ڪو تجربو موجود آهي ان کان علاوه هو عدالت کان انرولڊ به نه آهي مرتضيٰ وهاب صديقي جي مقرري غير قانوني آهي ۽ ان جي مقرري تي ڪراچي جي لا ڪاليجن جي چيئرمين بورڊ آڦ گورنرز کي به اعتراض هئا ان ڪري اپيل آهي ته مرتضيٰ وهاب جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي جنهن تي عدالت قانون واري صلاحڪار جي حيثيت سان مرتضيٰ وهاب جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ مرتضيٰ وهاب جي مقرري غير قانوني قرار ڏيندي عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *