مراد علي شاهه پاران چين ۾ مختلف وفدن سان ملاقات، سنڌ اندر مختلف رٿائون شروع ڪرائڻ تي غور

بيجنگ / ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چين جي فرم جنهن کي ڪچرو کڻي گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن (جي ٽي ايس) منتقل ڪرڻ لاءِ هائير ڪيو ويو، اهي جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪراچي جي ٻن ضلعن ۾ پنهنجي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏيندا. اها يقين سيد مراد علي شاهه کي شنگهائي ڪانگجي گروپ (Changyi Kangjie Sanitation Group) جي چيئرمين فان مينگائوو (Fan Manguao) گذريل ڏينهن بيجنگ جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيل خاص اجلاس ۾ ڪرايو ويو. اجلاس ۾ صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ، مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، ٽرانسپورٽ وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرپرسن ناهيد ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا. وفد جي اڳواڻي ڪندڙ چين جي ڪمپنيءَ جي چيئرمين چيو ته هُو مختلف اهم اجلاسن ۾ تمام گهڻو مصروف هو پر رڳو ڪراچي شهر کي صاف سٿرو بڻائڻ لاءِ اڄ هُو هتي ملاقات لاءِ آيو آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان ان يقين سان واپس ڪراچيءَ وڃو ۽ اتان جي ماڻهن کي به ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته انهن جي ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ صفائي بابت مسئلا جلد حل ٿي ويندا. ڪمپنيءَ جي چيئرمين فان مينگائوو چيو ته گهرن مان ڪچرو کڻڻ لاءِ ڪچري جا ڌٻا، گهٽين ۽ اهم روڊن جي ڌوئڻ ۽ صفائيءَ لاءِ ميڪنيڪل سوئيپنگ مشينن جي شپمنيٽ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي وسيلي ڪچري کي کڻي جي ٽي ايس ۾ اڇلايو ويندو. هن چيو ته مشينري 6 جنوريءَ تي ڪراچي پهچي ويندي ۽ اچڻ جي ڏهن ڏهاڙن اندر اهي بندرگاهه مان ڪليئر ٿي وينديون، اهڙي ريت وڌ ۾ وڌ جنوري جي آخر يا فيبروي جي پهرين هفتي ۾ ڪم جي شروعات جي قابل ٿي وينداسين. ڪمپنيءَ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ته ڪراچي ڊويزن جي ٻن ضلعن ڏکڻ ضلعي ۽ اوڀر ضلعي کي صفائي ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان سمورن گهرن ۾ ڪچري جا ڌٻا ورهائيندا ۽ ان کانپوءِ اسان جون ڪچرو کڻڻ واريون گاڏيون انهن علائقن مان گند ڪچرو گڏ ڪنديون. هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي يقين ڏياريو ته هُو روزانو صفائي جو ڪم ڪندا بلڪ گڏ ٿيل ڪچري کي به صاف ڪندا. صوبائي وزير ڄام خان شوري ڪمپنيءَ کي چيو ته اهي يقين ڏيارن تي ڪچري کڻڻ جو ڪم ڍڪي ڪري ڪيو وڃي ته جيئن بدبو ۽ جراثيم جي پکرجڻ ۽ ماحول کي خراب ڪرڻ کان بچائي سگهجي، ان تي هن کي يقين ڏياريو ويو ته هُو پلاسٽڪ ڪور استعمال ڪندا ۽ ڪچري کي جي ٽي ايس ۾ اڇلائڻ کان اڳ ان کي ڪمپريس ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير ڪمپنيءَ کي آڇ ڪئي ته هُو اتي اچن ۽ ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جو پلانٽ لڳائن، ان تي ڪمپنيءَ چيو ته اهي ان لاءِ تيار آهن. هنن چيو ته ڪچري کي جي ٽي ايس مان کڻي لينڊ فل سائيٽ ۾ اڇلائڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هُو پهرين صفائي جي ڪم جي شروعات ڪن ۽ ان کانپوءِ اڳتي هلي ڪم کي وڌائيندي ان کي پاور جنريشن ڏانهن وٺي وڃو. هن چيو ته مان شروعاتي طور تي اوهان سان سهڪار ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *