مراد علي شاهه عوام جي مفادن ۽ مسئلن کي نظر ۾ رکندي ئي بجيٽ تيار ڪري رهيو آهي: آغا سراج دراني

حيدرآباد ( بيورو) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني  چيو آهي ته  اسيمبلي جي  چار ميمبرن  خلاف  ريفرنس تيار  ڪيو ويو آهي  جن  اسيمبلي جي   تقدس کي  پائمال ڪيو  تنهن هوندي  به کين  هدايت  ڪئي وئي  ته اهي  پنهنجي  رويي  تي  معافي  گهرن  جنهن تي انهن  معافي  گهرڻ کان  انڪار  ڪيو  ان لاءِ سندن  خلاف  ڪاروائي جو اثرائتو جواز آهي  ۽ ڪنهن  کي به اسيمبلي جي  تقدس  کي پائمال  ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.  اهڙو اظهار هن  گذريل  رات  حيدرآباد  جي مقامي  هوٽل ۾  سنڌ جي اڳوڻي  ٽيڪنوڪريٽ، تعليمدان  ۽ اديب  آغا شهاب الدين جي چوٿين  ورسي  ۽ ڪتاب عدالت  عداوت جي  پڌرائي  واري  تقريب  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو  هن چيو  ته  اسپيڪر جي  حيثيت  سان سندس  اها ڪوشش  هوندي آهي  ته  مخالف ڌر  توڙي  حڪومتي  ميمبرن  وچ ۾ امن واري  فضا قائم هجي ،  ڪو  به تڪرار  نه ٿئي ۽  هر  مسئلي  کي برداشت ، صبر ۽ تحمل سان  گڏجي حل ڪيو  وڃي  پڇيل  هڪ سوال تي  هن چيو ته  سنڌ جي  بجيٽ  تيار ڪندڙ  صوبائي  وزير خزانه سيد مراد علي شاهه  سنڌ جي  بهترين  صوبائي وزيرن منجهان  آهي  ۽ اهو  عوام جي  مفادن  ۽ مسئلن کي  نظر ۾ رکندي ئي  بجيٽ  تيار ڪري  رهيو آهي   هڪ سوال  تي هن  چيو ته  بلدياتي  چونڊون عدالت جي حڪم موجب  هن سال   سيپٽمبر   ۾ ئي  ٿينديون  پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته  هر  سياسي  جماعت کي  اهو آئيني  حق حاصل آهي ته  هو  ڪنهن  به مسئلي جي  حل لاءِ  پرامن  احتجاج ڪري    جڏهن  ته  صوبائي حڪومت  صوبي جي ترقي   وارن  ڪمن ۾  مصروف عمل آهي  ان کان  اڳ تقريب  کي  خاص مهمان طور خطاب ڪندي  اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني چيو ته  آغاشهاب الدين  نه صرف هڪ بهترين  انسان  هو پر هو  هڪ بهترين  سرپرست ۽ رهنماءَ پڻ هو  هن ٻڌايو  ته سندس بلدياتي  وزارت واري اڳوڻي دور ۾  آغا شهاب  الدين  کاتي  جي ترقي لاءِ   جيڪي  مشورا  ڏنا  اهي  بيمثال هئا  جن تي  عمل ڪندي اسان کاتي جي  بهتري لاءِ  ڪم ڪيو  هن وڌيڪ ٻڌايو  بلديات کاتي جي ٽي ايم اوز  جي ٽريننگ  لاءِ قائم  ڪيل اسڪول پڻ  آغاشهاب الدين جي ڪوششن جو نتيجو آهي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي وڌيڪ  چيو ته آغا شهاب الدين  ٽيڪنوڪريٽ هئڻ سان  گڏ و گڏ  تعليمدان  پڻ هو  جنهن  هميشه سنڌ جي نوجوانن جي  تعليم لاءِ  جاکوڙ ڪئي  اهو ئي سبب آهي  جو اڄ  آغا خاندان  جا حيدرآباد  ۾ 4  هائي اسڪو 2 مڊل اسڪول ، هڪ آئي ٽي سينٽر  ۽ هڪ ڪاليج  فعال  آهن  جتي  معياري  تعليم  جي فراهمي جو  سلسلو  جاري آهي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني  آغا شهاب الدين جي ڪتاب جي  عدالت عداوت جي حوالي سان  چيو اهو ڪتاب ايندڙ  نسل  لاءِ  انتهائي  ڪارآمد  ثابت  ٿيندو  ان  موقعي  تقريب  کي  مظهر الحق صديقي، حميد سنڌي ، جهمٽ مل ، قاضي خادم ، اياز لطيف پليجو ، سيدجلال محمود  شاهه ،  قاضي جاويد ، نصير مرزا،  ڊاڪٽر آغا تاج محمد ، ذوالفقار  هاليپوٽو  ۽ ٻين  پڻ خطاب ڪيو  جڏهن  ته   نورالنساءَ ابڙو ، شاهده پروين ابڙو ، يوسف لغاري،  پروفيسر  نظير قاسمي ، اسد ابڙو ، شاهد پنهور ۽ ٻِيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *