مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪمند جي بحران جو ذميوار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مون هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سمنڊ ڪناري تي رڪاوٽون نه هئڻ گهرجن. شهري نئين سال جي خوشي ضرور ملهائن پر ٻين جي خوشيءَ جو به خيال ضرور رکيو وڃي. هن چيو ته شهري اڄ رات ٻاهر نڪري انجواءِ ڪن پر ڪنهن کي تڪليف نه پهچائي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هوائي فائرنگ جي ڪنهن کي به هرگز اجازت نه هوندي. هن هدايت ڏيندي چيو ته ڪوبه حادثو نه ٿئي، ڪنهن کي ڪابه تڪليف به پچهي ۽ افراتفري نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوان سمنڊ ڪناري ۽ روڊ تي ويهندا ته ڇا ٿيندو، روڊ تي زندگي اسان به گذاري آهي. هن چيو ته مان اهڙي مثال بڻائنديس جيڪو ايندڙ ڪم نه ڪندو ته مشڪل ۾ پئجي ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته احتجاج جو شوق سڀني کي حاصل آهي پر احتجاج جائز مطالبي تي ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ڳالهيون وڏيون ڪندو آهي پر ڪمند جا اگهه ٺيڪ نه آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته آبادگارن جي فائدي لاءِ وفاق کان کنڊ تي 20 رپيا سبسڊي گهري هئي. هن چيو ته اسان کنڊ تي 9 رپيا 30 پئسا سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي چڪا آهيون. اي سي سيءَ اسانکي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ، انڊرپاسز سميت ترقياتي ڪم هلندڙ آهن جنهن ڪري 4 کان 8 مهينا شهرين کي تڪليف ٿيندي پر ايندڙ 8 کان 10 سال جو رليف ملندو. هن چيو ته سڄي شهر کي ٺيڪ ڪرڻ جو پلان آهي پر هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ممڪن نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪمند جي بحران جو ذميوار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت آهي. پنجاب کان سئو رپيا في مڻ ڪمند سنڌ جي شگر ملن کي فراهم ڪيو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پنجاب کان گهٽ اگهه تي ڪمند ملندو ته سنڌ جي آبادگارن جو مهانگو ڪمند ڪير خريد ڪندو؟. هن چيو ته اسان پنجاب کان ڪمند جو اگهه ٻه رپيا وڌيڪ مقرر ڪيو ته جيئن آبادگارن کي فائدو پهچي. پنجاب هڪ سئو اسي ۽ اسان هڪ سئو ٻياسي رپيا اگهه مقرر ڪيو. وفاقي حڪومت طئي ڪرڻ باوجود شگرملن کي اڃا تائين سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت شوگرملن کي پنهنجي حصي جي 9 رپيا 30 پيسا سبسڊي ڏئي رهي آهي. سي سي آءِ جلاس ۾ وفاقي حڪومت طئي ڪرڻ باوجود شگرملز کي 10 رپيا 70 پيسا سبسڊي ڏيڻ جو طئي ڪيو هو پر وفاقي حڪومت پنهنجي وعدي تي عمل نه پئي ڪري، جنهن سان سنڌ ۾ آبادگارن لاءِ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته زراعت واري وزارت شوگرمل مالڪن ۽ آبادگارن جي نمائندن سان ڳالهائي معاملي جو پائيدار حل ڪڍي رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڪمند جي اگهن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، ڪمند جو اگهه اهڙو هئڻ گهرجي جيڪو سڀني فريقين لاءِ قبول جوڳو هجي ڇاڪاڻ ته پنجاب کان سنڌ جي شگرملن کي گهٽ اگھ ڪمند موڪليو پيو وڃي. هن چيو ته آبادگارن کي احتجاج جو حق آهي پر اهي اهو ضرور ڏسن تي قصور ڪنهن جو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هارين سان گڏ آهي سندن ڪنهن به قسم جي زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايم ڊي واٽر بورڊ کي فوري طور تي نارٿ ايسٽ ڪراچي فلٽر پلانٽ پهچڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايم ڊي (ڪي اي ڊبليو ايس بي) کي حڪم ڏيندي چيو ته اوهان ٽن شفٽن ۾ پنج پنج ماڻهو مقرر ڪيوباقي جيڪي پلانٽ تي غيرحاضر عملو آهي تنهن کي فارغ ڪيو وڃي. وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ڪراچي کي فوري طور تي ٽي پوليس گارڊ نارٿ ايسٽ ڪراچي فلٽر پلانٽ تي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي هڪ حصي کي بغير فلٽر جي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي جيڪو شهرين سان وڏو ظلم آهي، جيڪي ماڻهو ڪراچيءَ کي پنهنجو چوندا هئا سندن ئي اهڙو حال ڪيو آهي. انهيءَ بعد وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سن سيٽ انٽرسيڪشن پل تي هلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو. هي پل 470 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهي رهيو آهي. وڏي وزير سب ميرين انڊر پاس جو پڻ دورو ڪيو، جتي هلندڙ ڪم جي رفتار سست هئڻ تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري کي چيو ته مون کي سڀاڻي تائين ڊيٽ لائن ڏني وڃي ته ڪهڙي ڏينهن ان جي هڪ حصي جو افتتاح ڪريان. هن چيو ته مان سمجهان پيو ته ڪم جو معيار سٺو آهي پر دير ڇو ٿي رهي آهي. ان بعد سيد مراد علي شاهه سمنڊ ڪناري (سي ويو) پهتو جتي موجود ڪنٽينر هٽائڻ واري ڪم جو جائزو ورتو. ان دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته نيو ايئر نائٽ لاءِ رڪاوٽون برادشت نه ڪيون وينديون. سيد مراد علي شاهه چيو ته مون جهڙا ماڻهو ته رات جو نڪرندا ئي نه آهي پر جيڪي ماڻهو ٻاهر نڪرندا آهن انهن جو خيال رکيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوان سمنڊ ڪناري ۽ روڊن تي ويهندا ته ڇا ٿيندو، روڊ تي زندگي اسان به گذاري آهي. وڏي وزير ڊي آءِ جي سائوٿ کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به قسم جو ڪو حادثو نه ٿئي، ڪابه ڪنهن کي تڪليف نه پهچي ۽ نه ئي افراتفري پيدا ٿئي. آخر ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بوٽ بيسن وٽ صحافين ۽ سندس گڏ موجود آفيسرن سان ناشتو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *