مراد علي شاهه سنڌ جو نئون وڏو وزير هوندو، پ پ قيادت فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي نئين وڏي وزير لاءِ سيد مراد علي ساهه جي نالي  تي اعليٰ قيادت ۾ اتفاق ٿي ويو ، مراد علي شاهه پي ايس 73 تان ننڍين چونڊن ۾ حصو وٺندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي سيوهڻ ۾ چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عبدالنبي شاهه جي استعيفيٰ کانپوءِ پي ايس 73 جي سيٽ خالي ٿي وئي آهي جڏهن ته سنڌ جي ناڻي واري صلاحڪار سيد مراد علي شاهه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي سيد مراد علي شاهه پي ايس 73 تي نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه جي سامهون ڪو مضبوط اميدوار ناهي آيو مراد علي شاهه اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو پٽ آهي ۽ هو 2008ع وارين چونڊن پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊجي  سنڌ جو خزاني وارو وزير به رهي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *