مراد شاهه اسرائيل يا ڀارت جو وزيراعليٰ ناهي جو وفاق مشاورت نه پيو ڪري : سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاق پاران پي ايس پي آفيسر جن جا غير قانوني طور تي بدلين جا آرڊر جاري ڪيا هئا، ان تي وزير اعليٰ سنڌ خط به لکيو آهي امن امان صوبائي حڪومت جي مڪمل ذميواري آهي جيڪڏهن انهن آفيسرن کي موڪلينداسين ته اسان جي امن امان جي صورتحال تي فرق پوندو وفاقي ڪابينا ۾ وزير اعظم سميت سڀئي وزير ڪيترائي ڀيرا اهڙيون اڻ ٺهندڙ ڳالهيون ڪندا آهن جنهن سان ملڪ جو تماشو بڻجندو آهي. هزارين ارب روپيا پاڪستانين جي کيسن مان ان ٺڳ حڪومت جي اي ٽي ايمز ڪڌيا آهن ۽ ڪو به هڪ ماڻهون ٻڌايو وڃي جنهن جي خلاف ڪارروائي ٿي آهي وزير اعليٰ سنڌ پاڪستان جي هڪ صوبي جو وزير اعليٰ آهي ڪنهن اسرائيل يا ڀارت جي ڪنهن صوبي جو وزير اعليٰ ته ناهي جو اهوان ان سان ڳالھ ڪرڻ به نٿا چاهيو ۽ ان سان ڪنهن به قسم جو مشورو ڪرڻ نٿا چاهيو مان اهو سمجھان ٿو ته اها سراسر دشمني آهي ۽ اهو سنڌ جي عوام کي ان ڳالھ جي سزا ڏيڻ جي برابر آهي ته انهن پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي. عدالتي فيصلي کي مڃڻ جا اسان پابند آهيون پر جيڪڏهن  ڪو اهڙو فيصلو اچي وڃي جو اوهان ان تي عمل ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ انساني علميو جنم وٺي ته جنهن جي نتيجي ۾ هن شهر جي لکين ماڻهن جون گھرن جو ڇتيون کسجي سگھنديون هجن ته مان ان ڳالھ تي قائم آهيان ته مان پنهنجو عهدو ڇڏيندس ۽ انهن ماڻهن سان وڃي بيهندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنرن تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته قانون موجب وزير اعظم يا ان جي نمائندي کي وزير اعليٰ کي پرپوزل موڪلڻو پوندو آهي پر ائين نه ڪيو ويو ۽ سڌوسئون نوٽيفڪيشن جي ذريعي چار آفيسرن کي گھرايو ويو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان نوٽيفڪيشن کي پرپوزل جيان ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ته وزير اعليٰ ان بابت وفاق کي آگاھ ڪيو آهي. سعيد غني چيو ته اسا کي 20هين گريڊ جي 67 آفيسرن جي ضرورت آهي اسان وٽ 48 جي ڪمي هئي ۽ هاڻ اسان چار وفاق جا موڪليل آفيسر رکيا آهن جنهن جي بعد هاڻ شارٽيج 44 آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جون 26 پوزيشن آهن 22 پوليس آفيسر سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن مان 7 واپس گھرايا ويا آهن ان تي ڪابينا فيصلو ڪيو هو ته 8 جيڪي موڪليا ويا آهن انهن مان 4 کي رکون باقي 4 کي واپس ڪيو وڃي ۽ 7 جيڪي وفاق گھريا آهن ان تجويز کي ڪابينا رد ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته وزير اعليٰ اسٽبلشمنٽ ڊويزن کي درخواست ڪئي هئي ته اختلاف وفاق ۽ صوبي جو معاملو آهي ان ۾ ڪنهن به آفيسر جو ڪجھ به ڏيڻ وٺڻ ناهي اسٽبلشمنٽ ان حوالي سان پي ايس پي آفيسرن کي تنگ نه ڪري پر وفاق ان کي وضاحتي ليٽر موڪليا آهن اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا ۽ گھر ڪريون ٿا ان ليٽر کي واپس ورتو وڃي ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي خط تي عمل ڪيو وڃي هن چيو ته امن امان صوبي جي مڪمل ذميواري آهي جيڪڏهن انهن آفيسرن کي موڪلينداسين ته اسان جي امن امان جي صورتحال تي فرق پوندو. سعيد غني چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا ۾ عجيب ڳالھ ڪئي وئي ته سنڌ ۾ 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي ان تي سنڌ حڪومت جانچ ڪري. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اها بي بنياد ڳالھ معلوم ناهي ڪئي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ وزير اعظم سميت ان جا وزير ڪيترائي بيرا اهڙيون بي تڪيون ڳالهيون ڪندا آهن. جنهن سان ملڪ جو تماشو بڻجندو آهي. هن چيو ته اجلاس کان پوءِ هڪ پريس رلين جي ذريعي سنڌ حڪومت کان ان حوالي سان جانچ جي گھر ڪئي وئي هئي. سعيد غني چيو ته سنڌ 12 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پروڪيومنٽ ڪئي هئي ته 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ڪيئن ٿي وئي. هن چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا گھر ڪري چڪو آهيان ته وفاقي حڪومت ان 66 لک ڪڻڪ کي ڳولهي، جنهن جو اظهار فخر امام جيڪو فوڊ سڪيورٽي جو وزير آهي حن اسمبلي جي فلور تي چيو هو ته اسان کي خبر ناهي ته اها 66 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پنجاب مان ڪيڏاهن هلي وئي. اصل ان تي هجڻ گھرجي ها. هن چيو ته جانچ شگر ڪميشن جي رپروٽ تي هجڻ گھرجي ها ۽ جن جن ڪيسن ۾ نالا آهن انهن تي ڪارروائي هجڻ گھرجي. هن چيو ته پنجاب ۾ 70 سيڪڙو ڪڻڪ پيدا ٿيندي آهي. پنجاب ۾ ڪڻڪ جي قلت نه ٿيڻ گھرجي. پر پنجاب جو فصل لهندي ئي هڪ مهيني ۾ قلت ٿي ويندي آهي. مان گھر ڪيان ٿو ته ان جي جانچ ٿيڻ گھرجي، هن چيو ته ان بعد پوءِ جيڪا ڪڻڪ امپورٽ ڪئي ويندي آهي ۽ پاڻ ميڊيا ۽ عوام ٻڌائي رهيو آهي جيڪا ڪڻڪ ڏني وئي آهي اها کائڻ جي لائق ناهي اها جانور به ناهين کائيندا. اها پاڪستانين کي انهن کارائي. هتي کنڊ جو بحران آيو هو ۽ 150 روپيا کنڊ ٿي وئي هئي ان جي جانچ ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڻ انهن جي ناڻي واري صلاحڪار تسليم ڪيو ته اسان وقت تي ڪارگو نه خريد ڪيا ان ڪري بحران پيدا ٿيو آي. سعيد غني چيو ته صورتحال اها آهي جو ماڻهن جي گھرن ۾ گئس نٿي اچي. انڊسٽري کي گئس جي فراهمي نه هجڻ جيڪري انهن جا آرڊر پورا نٿا ٿين ۽ رد ٿي رهيا آهن ۽ ان سان پاڪستان جو فورن ريونيوشديد متاثر ٿي رهيو آهي. انهن وڏين وڏين نالئقين جي سزا اسان ڀوڳي رهيا آهيون ۽ اسان جي ۽ اوهان جي کيسن مان ڪڻڪ، اٽي، پيٽرول ۽ ڊيزلن جا اگھ وڌائي، دوائن، هزارين ارب روپيا پاڪستانين جي کيسن مان ٺڳن جي اي ٽي ايم ڪڌيا آهن ۽ ڪو به ماڻهون ٻڌايو وڃي جنهنجي خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي هجي. هن چيو ته ڪنهن به سزا ناهي ڏني وئي هن حڪومت ۾ ويٺل ان جا ي اٽي ايم هن ملڪ جي عوام کي لٽي رهيا آهن ۽ انهن جي خلاف ڪا به ڪارروئي نٿي ٿئي. سعيد غني چيو ته هر برائي، مهانگا.ي ۽ ڪرائيسز جو ذميوار سنڌ حڪومت کي سمجھيو ويندو آهي ڳالھ اها آهي جو ڪارگو اوهان نه ورتا لائن کي اوهان استعمال نه ڪيو، هن چيو ته ان نالائق ۽ نااهل حڪومت ۾ مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جا جيڪي عذاب ڇڏيا آهن ان جو مثال ملڪي تاريخ ۾ نٿو ملي. هن چيو ته هاڻ هر مهيني پيٽرول جي اگھ ۾ 4 روپيا ليوي جي نالي واڌاري جي نويد ڏني وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت جو فوبيا کين پوري رات سمهڻ ناهي ڏيندو هن چيو ته هو پاڻ ان ڳالھ کي تسليم ڪري چڪا آهن ته مراد علي شاُھ کين ٽف ٽائيم ڏئي رهيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته آفيسرن جي بدلين جي حوالي سان دليل اسان آئين ۽ قانون جي تحت زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ڏئي رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ پاڪستان جي هڪ صوبي جو وزير اعليٰ آهي ڪنهن اسرائيل يا ڀارت جي ڪنهن صوبي جو وزير اعليٰ ته ناهي؟ جو اوهان ان سان ڳالھ ڪرڻ نٿا ڇاهيو ۽ نه ئي ان سان ڪنهن قسم جو مشورو ڪرڻ چاهيو ٿا. مان اهو سمجھان ٿو ته اها سراسر سنڌ دشمني آهي ۽ اها سنڌ جي عوام کي ان ڳالھ جي سزا ڏيڻ جي برابر آهي جو انهن پيپلز پارٽي کي ووٽ ڇو ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سپريم ڪورٽ يا ڪنهن به عدالت جا فيصلا اسان کي پسند هجن يا نه هجن آئيني ۽ اخلاقي طور تي اسان کي اهي مڃڻ گھرجن پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جي عدالتن مان اهڙا فيصلا به آيا آهن جيڪي فخر جوڳا ناهين ۽ انهن جو نقصان عدالتن جي تاثر تي پوندو آهي ان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جوفيصلو هجي يا شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان فون تي آرڊر وٺي ڪيل فيصلا. جيڪي سرڪاري آفيسر آهن جيڪي عدالتي مشڪل فيصلن تي عمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن هن چيو ته آئين پاڪستان ۾ ججن جو جيڪو تصور ٻڌايو ويو اهو اڄ ڪالھ جي حوالي سان ڪافي مختلف آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي لاءِ جيڪي فيصلا آيا آهن يا آبزويشن آيون آهن اهي مناسب ناهين هن چيو ته عدالتون پنهنجا فيصلا ٻڌائي سگھن ٿيون اسان انهن فيصلن کي چئلينج ڪري سگھون ٿا ان جي لاف اپيل ۾ وڃي سگھون ٿا ان تي پنهنجي رائي ڏئي سگھون ٿا. پر اسين ائين نٿا چئي سگھون ته اسان ان فيصلي کي نٿا مڃي سگھون. هڪ سوال جواب ۾ هن چيو ته عدالتي فيصلن کي مڃڻ جا اسين پابند آهيون پر جيڪڏهن ڪو اهڙو فيصلو اڇي وڃي ۽ مون کي چيو وڃي ته اوهان ان تي عمل ڪيو ته جنهن جي نتيجي ۾ ڪو به انساني علميو پيدا ٿي سگھي جنهن جي نتيجي ۾ هن صوبي يا هن شهر جي لکين ماڻهن جي گھرن جون ڇتيون وڃي سگھن ان تي قائم آهيان ته مان پنهنجي عهدي کي ڇڏي ڏيندس. ۽ پنهنجي ماڻهن سان وڃي بيهندس. هن چيو ته ڪجھ ڏينهن پهرين پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن هڪ قرارداد جي ذريعي سنڌ حڪومت کان ان حوالي سان قانون ٺاهڻ جي گذارش ڪئي وئي هئي ان قرارداد تي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي مخالفت ڪئي ۽ ٻاهر اهي نسلا ٽاور ۽ گجر نالي جي متاثرن سان همدردي جو ڊرامون ڪندا آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز هنيون انهن کي ريگيلرائيز ڪرڻ جي قانون جوڙيو ويو آهي اتي هڪ ڪميشن جوڙيو ويو آهي. ۽ اهو ئي ڪم جيڪو اسان هتي ڪرڻ چاهيون ٿا هو پنجاب جي حڪومت ڪيو آهي جيڪڏهن اتي اهو ڪم ٿي سگھي ۽ پي ٽي آئي جي حڪومت اهو قانون اتي ٺاهي سگھي ٿي ته اهو پنجاب ۾ حلال ۽ سنڌ حرام ڪيئن آهي.، هن چيو ته اسين اهو ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن سان هن صوبي ۽ خاص ڪراچي جي لکين ماڻهن جو مفاد ان سان واڳيل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ خاص ڪري رفاحي پلاٽس ۽ گرائونڊز تي چائنا ڪٽنگ ايم ڪيو ايم جا ڪارناما آهن ۽ ان جو سڀني کي چڱي ريت علم آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته هي قانون صوبي ۽ شهر ۾ رهندڙ هر شخص جي لاءِ جنهن جي سر تي تلوار لٽڪي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته سمورن صوبي جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت بلدياتي نطام کي وڌيڪ سپورٽ ڪندي رهي آهي هن چيو ته واحد صوبو سنڌ آهي جنهن بلدياتي نمائندن جي آئيني ۽ قانوني مدت پوري ڪئي آهي. آئين جي مطابق جڏهن به نئين مردم شماري ٿيندي ۽ نئيون حلقا بنديون ٿينديون ته پوءِ چونڊون ٿينديون. هن چيو ته سنڌ جي مردمشماري تي اسان جا سخت خدشا هئا ۽ معاملو سي سي آئي جي تڪراري فيصلي کي پارليامنٽ جي جوائينٽ سيشن ۾ آڻ جو لکيو ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي رولز جي خلاف ڪنهن ميمبر کي ريفرنس جي ڪاپي نه ڏني ۽ هاڻ ٿيندڙ تڪراري جوائنيٽ اجلاس ۾ ان کي منظور ڪيو ويو. قانون جي ترميم اسان پهرين ڊسمبر کان پهرين مڪمل ڪري اسان اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏينداسين.         

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *