مراد سعيد 10 وزيرن کان گوءِ کٽي ويو، پهريون نمبر قرار، وزير اعظم سرٽيفڪيٽ ڏنو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان پاران بهترين ڪارڪردگي تي 10 وزيرن کي تعريفي سرٽيڪفيٽ ڏنا ويا آهن جنهن ۾ مراد سعيد سڀني کان بازي کڻي ويو ان حوالي سان وزيراعطم آفيس ۾ تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان 10 وفاقي وزيرن کي بهترين ڪارڪردگي تي تعريفي سرٽيڪفيٽ ڏنا تقريب ۾ وزيرن ۽ وزارتن جي عملدارن شرڪت ڪئي بهترين ڪارڪردگي ۾ مراد سعيد جي مواصلات واري وزارت پهريان، اسد عمر جي رٿابندي وزارت، ٻئي ۽ ثانيه نشتر جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو واري وزارت ٽئين نمبر تي شفقت محمود جي وزارت تعليم چوٿين نمبر تي رهي شيرين مزاري جي انساني حقن واري وزارت پنجين نمبر تي خسرو بختيار جي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ڇهين نمبر تي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف ستين نمبر تي واپار وارو وزير عبدالرزاق دائود جي واپار واري وزارت اٺين نمبر تي رهي شيخ رشيد جي گهرو وزارت نائين ۽ فخر امام جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وزارت آخري نمبر تي رهي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وزارتن جي ملازمن کي اضافي الائونس ڏنو ويندو فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي ۽ شوڪت ترين بهترين ڪارڪردگي جي مقابلي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا بهترين ڪارڪردگي تي تعريفي سرٽيفڪيٽ جي اميدوارن ۾ ڊاڪٽر ثانينه نشتر، اسد عمر، شاهه محمود، شيخ رشيد، فروغ نسيم، مراد سعيد، ملڪ امين اسلم، خسرو بختيار عبدالرزاق دائود، عمر ايوب، حماد اظهر، شوڪت ترين، فواد چوڌري اعظم سواتي ۽ شبلي فراز شامل هئا وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد ارباب ان حوالي سان رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم کي ڏني سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 10 وزارتن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وزارتن کي مراعتون به ڏنيون وينديون انهن مراعتن جي ذريعي ئي آهستي آهستي تبديلي آڻي سگهجي ٿي وزيراعظم چيوت ه مواصلات وزارت نمبر ون اچڻ تي مراد سعيد کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو هن اسٽِبلشمينت بابت خاص مددگار ارباب شهزاد ۽ ان جي ٽيم کي به ساراهيو هن چيوت ه سزا ۽ جزا جي تصور کان سواءِ دنيا جو ڪوئي نظام ڪامياب نٿو ٿي سگهي سڀني جي سامهون وزارتن جي ڪارڪردگي جي اعلان سان گورننس سسٽم بهتر ٿيندو. هن چيو ته خانگي شعبن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي بونس ملي ٿو ماڻهو سرڪاري اسپتال انهيءَ لاءِ نٿا وڃن ڇو ته اتي ڪائي پڇا ڳاڇا نٿي ٿئي وزيراعظم چيو ته آغا خان، الشفاء ۽ شوڪت خانم کي عالمي سطح تي انهيءَ لاءِ مڃيو وڃي ٿو ڇو ته اتي ڪارڪردگي تي ڪائي سوديبازي نٿي ڪئي وڃي ۽ ترقي پرفارمنس جي بنياد تي ملي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *