مذهب بابت قانون جي غلط استعمال خلاف نيشنل ايڪشن پلان جي نقطي نمبر 9 تحت قدم کنيو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو آهي ته شهيد سلمان تاثير هن ملڪ جي ڪمزور ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي تحفظ لاءِ ۽ ملڪي قانون جي استحصال ۽غلط استعمال خلاف پنهنجي جان قربان ڪئي، پنجاب جي اڳوڻي گورنرسلمان تاثير جي پنجين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  لاهور قلعي جي ڪال ڪوٺڙين کان وٺي شهادت تائين سلمان تاثيرتاريخ ۾ هڪ عظيم ڪردار رهيو جنهن پنهنجي سموري حياتي جمهوريت ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ قوم جي هڪ سچي هيرو طور جدوجهد ڪندي گذاري ۽ شهادت ماڻي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهيد سلمان تاثير شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن تي هلندي انهن قوتن جي خلاف جبل جيان ارڏو بيٺل رهيو جيڪي هن ملڪ کي پٿر واري اونداهي دور۾ ڌڪڻ چاهين ٿيون،هن چيو ته آمريتي دورن ۾  اهي قوتون ڄاڻي ٻجهي پيدا ڪيون ويون ته جيئن ملڪ جي عوام کي جمهوريت، انساني حقن ۽ برابري کان پري رکجي ۽ عوام جي اختيارن کي ڳچ عرصي تائين غصب ڪجي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ڪنهن به فرد يا گروپ طرفان مذهب بابت ملڪي قانون کي غلط استعمال ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو آهي ، بلاول ڀٽو زرداري اختيارين تي زور ڀريو آهي ته مذهب بابت ملڪي قانون جي غلط استعمال خلاف نيشنل ايڪشن پلان جي نقطي نمبر 9 تحت قدم کنيو وڃي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ” مذهبي اقليتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف پُر اثر قدم کنيو ويندو“. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ڏينهن تائين نيشنل ايڪشن پلان جي انهيءَ اهم نقطي تحت ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي، هن چيو ته پوروپاڪستان خاص طور تي هن ملڪ جو ڪمزور طبقو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا ميمبر ۽ ڪارڪن شهيد سلمان تاثير کي ڪڏهن به نه وساريندا ۽ شهيد سلمان تاثير انهن سمورن محب وطن پاڪستانين جي دل ۽ دماغ ۾ هميشه عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو جيڪي هميشه کان چاهين ٿا ۽ جدوجهد ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ان جي بانين جي ويزن جي حقيقي عڪاسي ڪري، بلاول ڀٽو زرداري سڏ ڏيندي چيو آهي ته شهيد سلمان تاثير جي روح جي ايثال ثواب لاءِ ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ خصوصي دعائون گھريون وڃن ته جيئن اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته ڇا به ٿي پوي پر اسان پنهنجي هيروز کي ڪڏهن به وساريندا ناهيون. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پي پي پي سنڌ جي صدر ۽ وزير اعليَ سنڌ سيد قائم علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته اڱاري 5 جنوري 2016 تي پي پي جي باني چيئرمين ۽ فخر ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگره نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي پارٽي جي سمورين ضلعي آفيسن/ هيڊ ڪوارٽرز ۾ سالگره تقريبون منعقد ٿينديون جنهن ۾ پارٽي جا ڪارڪن / عهديدار ۽ پارليامينٽ جا ميمبر شرڪت ڪندا ۽ شهيد ڀٽو جي خدمتن ۽ جدوجهد تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا. ان موقعي تي سالگره جا ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *