مذهبي حڪمن تي عمل ڪجي ته هر ڏينهن عورتن جو ڏينهن آهي: نيلم منير

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا نيلم منير “عورتن جي عالمي ڏهاڙي” جي حوالي سان پنهنجي مداحن کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو مذهب اسلام جي حڪمن تي عمل ڪن ته هر ڏينهن عورتن جو ڏينهن آهي. اداڪارا انسٽاگرام تي ڪاري رنگ جي رئي سان پنهنجي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پيغام ڏنو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي ريت اسان جي مذهب ۾ عورتن جي خودمختياري ۽ آزادي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. نيلم منير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته سندس خيال آهي ته جيڪڏهن مذهب اسلام جي تعليمات ۽ حڪمن تي عمل ڪيو وڃي ته هر ڏينهن عورتون جو ڏينهن آهي. هن لکيو ته عورتن جي عالمي ڏهاڙي کي انهن عورتن لاءِ ملهائڻ گهرجي جن ڏکيائين جو مقابلو ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون. نيلم منير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هو دعاڳو آهي ته ملڪ جي هر عورت مذهبي تعليمات تي عمل ڪري ۽ گڏوگڏ هن ان ڳالهه جي اميد به ظاهر ڪئي ته ملڪ جي هر عورت کي اها خودمختياري ۽ آزادي ملي جيڪا کيس مذهب ڏني آهي. اداڪارا جي پوسٽ جي ڪيترن ئي ماڻهن واکاڻ ڪئي ۽ مداحن اداڪارا جي پوسٽ جي واکڻ ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *