مدرسن جو دهشتگردن سان ڪوبه تعلق ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته مدرسن کي استعمال ڪري مقصد حاصل ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي جڏهن ته ملڪ ۾ مدرسن جو دهشتگردي سان ڪوبه تعلق ناهي. اسلام آباد ۾ پريسڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي، حڪومت پهريان ڳالهيون پوءِ ملٽري ايڪشن جو فيصلو ڪيو، اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ سيڙهي طي ڪري ورتي آهي ۽ قومي لائحه عمل تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ مدرسن جو دهشتگردي سان ڪوبه تعلق ناهي، بغير ثبوت جي مدرسي تي ڇاپو نه هنيو ويندو، هڪ ٻئي کي ڪافر چوڻ، قتل تي ڀڙڪائڻ، چڙ ڏياريندڙ تقرير تي حڪومت ڪارروائي ڪندي، فرقيواريت، هڪ ٻئي خلاف مذهبي انتهاپسندي خلاف به ڪارروائي ٿيندي. چوڌري نثار چيو ته مدرسا ۽ انهن جي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حڪومت ۽ فوج جي معاون آهي، مدرسن ۾ اي ۽ او ليولز تائين تعليم کي لاڳو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ عالمن به ديني تعليم جي مضمون کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي. هن چيو ته مدرسن کي استعمال ڪري مقصد حاصل ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، گذريل حڪومتن مدرسن جي معاملي تي ڪجهه به نه ڪيو، مدرسن جا سمورا مالياتي معاملا بئنڪن ذريعي مڪمل ڪيا ويندا ۽ انهن جي فنڊنگ جو طريقيڪار حڪومت طي ڪندي جڏهن ته مدرسن جي آسان رجسٽريشن لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *