مخدوم امين فهيم جو لاڌاڻو، پ پ پاران سوڳ ملهايو ويو، تعزيت جو سلسلو جاري، هالا شهر بند

هالا(رپورٽر) برک سياستدان، پ پ پارليامينٽيرينز جي صدر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي تي پيپلزپارٽي پاران سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو ڏهارو ملهايو ويو، هالا ۾ وڇايل تڏي تي ٻئي ڏينهن به اهم شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهو عذرخواهي لاءِ ايندا رهيا، . مخدوم امين فهيم جي وڇوڙي تي پيپلزپارٽي جي پاران سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو ڏهاڙو ملهايو ويو. مختلف شهرن ۾ مخدوم امين فهيم جي روح جي ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي، ٻئي طرف هالا ۾ وڇايل تڏي تي مخدوم امين فهيم جي پونيئرن سان عذرخواهي جو سلسلو هلندڙ آهي، ٻئي ڏينهن به ڪيترين ئي اهم شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ سروري جماعت سان لاڳاپيل ماڻهو به ڏک ونڊڻ لاءِ پهچي رهيا آهن. اڳوڻو وزير اعظم مير ظفرالله خان جمالي ، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ، پ پ پ جو ترجمان  فرحت الله بابر، شهريار خان مهر، صوبائي وزير زراعت  علي نواز  مهر ، سينيٽر هري رام ڪشوري لال ، ايم اين اي عبدالستار بچاڻي ، صوبائي وزير  گيانچند ايسراڻي ، رحمان ملڪ، احمد علي خان پتافي ، سميت پ پ پ   جا هزارين ڪارڪن سروري جماعت  جا مريد۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ   پ پ پ اميدوار  وفدن جي صورت ۾ تعزيت لاءِ پهتا  سروري جماعت جي روحاني پيشوا جي لاڏاڻي تي سوڳ ۾ هالا شهر ۾ ڪاروبار ٻئي ڏينهن به مڪمل طور بند رهيو. مخدوم امين فهيم جو ٽيجهو اڄ ٿيندو،جڏهن ته سندس وڏي پٽ مخدوم جميل الزمان کي درگاهه مخدوم سرور نوح جي 19هين گادي نشين طور پڳ ٻڌرائڻ واري رسم به ادا ڪئي ويندي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته امين فهيم سروري جماعت جو پيشوا ۽ اديب شاعر سان گڏ دنيا جو وڏو ليڊر به هو، مخدوم امين فهيم جي وفات سان سياست ۾ جيڪو خال ٿيو آهي ان کي ڀرڻ ناممڪن آهي. مخدوم امين فهيم جي مشن کي جاري رکنداسين. مخدوم امين فهيم جي سياسي جان نشين مخدوم جميل الزمان چيو ته مخدوم صاحب کان وڇڻڻ جو هن وقت تائين يقين نٿو اچي، گهر هجي يا اسپتال هر جاءِ تي مخدود صاحب سان گڏ رهيس، ان جون ڳالهيون ياد اچي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *