مختلف سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي پسمنظر رکندڙ عورتون ملڪ جي ترقي لاءِ ڪوششون استعمال ۾ آڻين: صدر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين مختلف سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي پس منظر رکندڙ عورتن تي زور ڏنو آهي ته هو هر قسم جي خدشن ۽ پريشاني کي نظرانداز ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻين. هن اها ڳالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي تيار ڪيل ڪتاب ”بي آءِ ايس پي جون ڪهاڻيون“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هي ڪتاب سڄي ملڪ مان ۱۴٦ عورتن جي ڪهاڻين تي ٻڌل آهي جيڪو بي آءِ ايس پي طرفان ملندڙ وظيفن سبب انتهائي غريب عورتن ۽ خاندانن جي زندگين ۾ مثبت اثرن جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ڪتاب پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي سڀني کان وڏي انقلاب جو آئينو آهي جنهن جي ڪري انهن عورتن کي عزت ۽ معاشي تحفظ مليو. هي ڪهاڻيون ۱۸ علائقائي ٻولين ۾ لکيون ويون ۽ انهن جو مقامي ۽ بين الاقوامي ماڻهن لاءِ اردو ۽ انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو ويو. تقريب ۾ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ، مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير پير امين الحسنات، پارليامينٽ جي ميمبرن، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري ۽ ترقياتي پارٽنرز سميت سول سوسائٽي جي نمائندن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عورتون پاڪستان جي آبادي جو تقريبن اڌ حصو آهن، معاشري جي سمورن طبقن کي برابر ۽ تيز ترقي لاءِ پنهنجي ترجيحن، مفادن ۽ مهارت موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جي انساني ۽ مادي وسيلا ضايع نه ٿين. صدر چيو ته هي ڪتاب ماڻهن کي پاڪستان ۾ غربت ۾ گهٽتائي لاءِ بي آءِ ايس پي جي ڪوششن ۽ فائدو حاصل ڪندڙ عورتن جي احساسن ۽ تجربن جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪندو، هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪاميابي جا هي داستان وڏي اهميت رکندڙ آهن جنهن سان ٻين عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم ۽ خودمختيار ٿيڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته هي ڪتاب شايد گهٽ خواندگي جي شرح کي نظر ۾ رکندي غريب، پوئتي پيل ۽ اڻپڙهيل طبقن ۾ گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ لاڀائتو نه ٿئي ان لاءِ ضروري آهي ته ان حقيقي ڪهاڻين جي ذريعي بي آءِ ايس پي جي اهميت تي زور ڏيڻ جي لاءِ ٻيا ذريعا به استعمال ۾ آڻيون. هن تجويز ڏني ته ان ڪتاب جي حقيقي ڪهاڻين جي ٿيٽر جهڙي ٻين ذريعن مان فائدو کڻندي ڊرامن جي شڪل به ڏيڻ گهرجي، جنهن سان انهن جي اثر پذيري ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن ماروي ميمڻ کي سماجي شعبي ۾ خاص طور تي عورتن لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ برٽس پارليامينٽ اسپيڪر ايوارڊ ملڻ تي به مبارڪباد ڏني، ان کان اڳ شروعاتي لفظن ۾ ماروي ميمڻ چيو ته هي ڪتاب هر ضلعي مان عورتن جي پنهنجي علائقائي ٻولين ۾ ڪهاڻين تي مشتمل آهي ته جيئن پيغام کي مقامي سطح تي وڌيڪ موثر انداز ۾ پهچائي سگهجي. غربت جي خاتمي جي لاءِ بي آءِ ايس پي جي ڪوششن کي اجاگر ڪندي هي ڪتاب علائقائي ٻولين جي فروغ ۽ ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ غريب خاندانن جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو. حويلي (آزاد ڪشمير) مان اڪبر بي بي، استور مان بانو بي بي، جيڪب آباد مان شريمتي نندي، ڪوهلو بلوچستان مان جان بي بي، راولپنڊي مان سميرا بي بي ۽ نوشهره مان مغفره سميت ٦ عورتن جون ڪامياب ڪهاڻيون به تقريب ۾ ڏيکاريون ويون، انهن عورتن حاضرين سان پنهنجي تجربن جي مٽاسٽا ڪئي ته ڪهڙي طرح بي آءِ ايس پي جي مدد سان انهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آئي ۽ کين مالي طور تي مستحڪم ٿيڻ ۾ مدد ملي. هن مشڪلاتن جي ور چڙهيل زندگي مان نڪرڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مدد تي ان جو ٿورو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *