مختلف خطرن جي موثر جواب لاءِ تياريون جاري رهڻ گهرجن: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته مختلف خطرن جي موثر جواب لاءِ تياريون جاري رهڻ گهرجن. فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس ريليز موجب آرمي چيف ڪوٽلي ۾ ٽريننگ ايرياز جو دورو ۽ مشقن جو مشاهدو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مشقن ۾ مصروف ٽرپس جي عزم ۽ حوصلن کي ساراهيو. آرمي چيف فارميشن جي جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته مسلسل تربيت ۽ آپريشنل پريڪٽس سان صلاحيتن ۾ نکار ايندو آهي. مشقن جو مقصد فارميشن جي آپريشنل تياريون ۽ دفاعي ۽ جارحاڻو ٽاسڪ آهي. آءِ ايس پي آر موجب مشقن دوران مختلف نوعيت جي آپريشنل حڪمت عملي کي به جانچڻو آهي. فويج جٿا ۽ يونٽس ڏکين جابلو علائقن ۾ بچاءَ ۽ جارحاڻيون مشقون ڪري رهيا آهن. ڪوٽلي آمد تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس آرمي چيف جو استقبال ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *