مخالف ڌر ۽ حڪومت جو انگ برابر آهي، مخالف ڌر 6 مهينن کانپوءِ حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي: راڻا ثناءَ الله

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته حڪومت کي ڇهن مهينن کان پوءِ جي صورتحال جي ڄاڻ نه آهي ۽ اپوزيشن حڪومت کي ڪيرائي سگهي ٿي اپوزيشن ۽ حڪومت ميمبرن جو انگ اٽڪل برابر آهي ۽ پوري اپوزيشن متفق آهي ته هي سليڪٽڊ وزيراعظم  آهي هن جو مينڊيٽ جعلي آهي هڪ انٽرويو ۾ رانا ثناءُالله چيو ته حڪومتي اتحادي جماعتن ۾ ڪابه شئي هڪ جهڙي نه آهي ڪائي مقناطيسي طاقت آهي جيڪا کيس ڳنڍيو پئي اچي جڏهن ته اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي ويئي مسلم ليگ جي اڳواڻ چيو تهج مخالف ڌر جو ڪم نظام کي اڳيان وڌائڻ آهي سمورين زيادتين ۽ ڌانڌلين جي باوجود اسان سسٽم جو حصو بڻياسين ۽ گذريل چئن مهينن ۾ اپوزيشن کي گاريون ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ڪوبه ناهي ڪيو ويو رانا ثناءُ الله شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن جو رويو ايئن ئي رهيو ته اسان سان تعاون جي اميد نه رکن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *