مخالف ڌر پاران صدر عارف علوي خلاف مواخذي جي تحريڪ آڻڻ جو فيصلو، ڪاميٽي قائم

 اسلام آباد(م.ڊ) گڏيل مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرڻ کانپوءِ صدر عارف علوي خلاف مواخذي جي تحريڪ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابي کانپوءِ صدر خلاف مواخذي جي تحريڪ داخل ڪئي ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين صدارتي اميدوار لاءِ آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ذريعن موجب اپوزيشن ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته صدر پ پ يا جي يو آءِ ف مان هوندو، نئون صدر عارف علوي جو باقي مدو پورو ڪندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *