مخالف ڌر مري چڪي آهي، عمران خان پنج سال پورا ڪندو: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مخالف ڌر پهرين ئي مري چڪي آهي ۽ وزير اعظم عمران خان پنج سال پورا ڪندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسيمبلي ۾ 3 ڏينهن جيڪو ٿيو ان سان جمهوريت کي عزت ناهي ملي ۽ اسان مخالف ڌر سان جوڊو ڪراٽي ناهي ڪرڻو ڇو ته مخالف ڌر پهرين ئي مري چڪي آهي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان پورا 5 سال لڳائيندو. گهرو وزير جو چوڻ هو ته اسان جو مشن آهي ته اسلام آباد ۾ ڏوهه ختم ڪيون ۽ آءِ جي اسلام آباد کي چوان ٿو ته شهر کي منشيات کان پاڪ ڪرڻو آهي، ننڍين وڏن غريبن کي پڪڙي وڏن کي ناهي وڃڻ ڏيڻو ڇو ته هتي قانون غريبن جي لاءِ حرڪت ۾ ايندو آهي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ بهتر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته گهرو وزارت ماڻهن کي اي پاسپورٽ به مهيا ڪرڻ پيو وڃي، اسلام آباد ۾ عورتن جي به هڪ بازار بڻائڻ پيا وڃون جتي رڳو عورتن جا دڪان هوندا، ان حوالي سان ڊي سي کي هدايتون ڏئي رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *