مخالف ڌر ذهني توازن وڃائي چڪي آهي، وٽ ڪا به حڪمت عملي ناهي: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي صدر ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه کي اسلام جو ٺيڪيدار قرار ڏيندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۾ ايتري اخلاقي جرئت ناهي جو وفاقي جاچ اداري (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي بابت ڪوڙ ڳالهائڻ کان پوءِ معذرت ڪري. اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته شبر زيدي مولانا فضل الرحمان جي بيان جي پرزور ترديد ڪندي چيو هو ته پاڪستان رڳو عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اسلام جو ٺيڪيدار آهي ۽ انهيءَ جي نالي تي سياست ۽ واپار به ڪندو آهي، شبر زيدي جي حوالي ڪوڙ ڪنهن مذهبي اڳواڻ کي نٿو سونهين. ان کان سواءِ سينيٽر شبلي فراز پي ڊي ايم طرفان ڪورونا وبا جي دوران جلسا جاري رکڻ بابت بيان تي چيو ته مخالف ڌر ذهني توازن وڃائي چڪي آهي، هنن جي تڪراري بيانن ۽ سوچ مان واضح آهي ته هنن وٽ ڪا به حڪمت عملي ناهي. سينيٽر شبلي فراز وبا بابت هڪ حديث مبارڪ پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا ۾ جلسو رٿڻ دراصل حديث جي خلاف آهي جيڪو مولانا فضل الرحمان جهڙي مذهبي اڳواڻ لاءِ غير مناسب آهي. شبلي فراز چيو ته اسان تحريڪ انصاف جا سمورا جلسا رد ڪيا ان ڪري مخالف ڌر کي اپيل آهي ته هو به وبا کي نظر ۾ رکندي پنهنجي جلسن جي باري ۾ نظرثاني ڪري. هن چيو ته مخالف ڌر جي جلسا غير ذميوارا حرڪت آهي جنهن جي عوام مذمت ڪري ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *