مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي جي ريلي، اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊز ڪيس تي روزانو ٻڌڻي ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر جي رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ فيصلو ٻڌايو وڃي. رهبر ڪميٽي ۾ شامل اپوزيشن جي 9 جماعتن جي اڳواڻن طرفان پارليامينٽ هائوس کان اليڪشن ڪميشن تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو مظاهرو ڪيو. اُن موقعي تي ڳالهائيندي احسن اقبال، نيئر بخاري، راجا ظفر الحق، اويس نوراني، اڪرم دُراني ۽ ٻين جماعتن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊز واري ڪيس تي روزانو بُنيادن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، رهبر ڪميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ لڪي رهيو آهي، فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ جو گند صاف ٿي ويندو، چاهيون ٿا ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي مدي ۾ فيصلو ڪري، ڪيس روزانو جي بنياد تي ڪيو وڃي، انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي، قوم گهر ڪري رهي آهي ته پي ٽي آءِ تلاشي ڏئي، اسان سان گڏ الله ۽ عوام آهي، اسان ۾ همت ۽ جرئت آهي، مقابلو ڪنداسين، اربع تي اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميديا سان ڳالهائيندي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينيئر اڪرم دراني چيو ته 5 سال ٿي ويا، تحريڪ انصاف جي خلاف جاچ مڪمل ناهي ٿي، هن چيو ته پي ٽِي آءِ کي اسرائيل، انڊيا کان فنڊنگ ٿي، اليڪشن ڪميشن روزانو جي بنياد تي جاچ ڪري، اڪرم دراني چيو ته هن ڪيس ۾ دير ملڪ ۽ قوم کي نقصان ڏيندڙ آهي، هن چيو ته گذريل ڏينهن رهبر ڪميٽي فيصلو ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن وٽ وڄجي، فارين فنڊنگ ڪيس 5 سالن کان هلي رهيو آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم التوا لاءِ هاءِ ڪورٽ وڃي ٿو، اليڪشن ڪميشن کان التجا آهي 5 سالن جو وقت گهڻو آهي، ڀارت سميت ٻين ملڪن کان فارين فنڊنگ ٿي، هن چيو ته اسان کي نيب وارا روز گهرائين هتي دير ڇو ٿي رهي آهي، هڪ ياداشت اليڪشن ڪميشن کي ڏئي رهيا آهيون، رهبر ڪميٽي ۾ شامل 9 سياسي پارٽيون ڪيس جو فيصلو جلد چاهين ٿيون، نير بخاري چيو ته انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي، قوم جو مطالبو آهي ته پي ٽي آءِ تلاشي ڏئي، هن چيو ته اميد آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ فيصلو ڪندو، هن چيو ته گذريل 5 سالن کان ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، 18 اهڙا اڪائونٽ آهن جن جو ڊڪليريشن نه آهي جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته تلاشي کان ڇو گهٻرائي رهيا آهيو، احسن اقبال چيو ته ڪرپشن جي تاريخ جو هي ميگا اسڪيڊنل آهي، 5 سالن کان عمران نيازي ۽ سندس ساٿي دير ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ اها سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن اڳيان بي نامي اڪائونٽ نه رکيا، ڀارت ۽ يورپ مان فنڊنگ ڪئي وئي، پاڪستان دشمن فنڊنگ پي ٽي آءِ کي ملندي رهي آهي، ميان افتخار چيو ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو اميج خراب ڪيو، ڪير به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اصل ڪرپٽ ڇو لڪي رهيو آهي، هاڻ اين آر او اپوزيشن کان گهري ته اين آر او نٿو ڏئي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *