مخالف ڌر اڳواڻ کي هٽائڻ نئين ڳالهه ناهي، پ پ راند جو حصو نه ٿيندي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان ڳالهه ڪري پي ٽي آئي اڇلايل شيئ واپس کنئي  ڇو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ملڪ دشمن هئي ته هاڻي  ان سان ڇو ويهي رهيو آهي جيڪڏهن پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم ڪنهن ٻئي کي آپوزيشن ليڊر بنائڻ چاهين ٿا ته هو پنهنجي ڪوشش ڪن. مان چار سال ايمانداري سان ذميواريون نڀايو ۽ آپوزيشن کي متحدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مونکي بطور آپوزيشن ليڊر پنهنجي ڪارڪردگي تي فخر آهي. عمران خان کي وقت کان اڳ الڪيشن  جي ضرورت ڇو آهي خبر ناهي ته جيڪو صوبو نه سنڀالي سگھيو اهو ملڪ کي ڇا سنڀاليندو. جنهن سياستدان جي قول ۽ فعل ۾ فرق هجي اهو قوم جي قيادت ڇا ڪندو.ملڪ ۾ افراتفريح آهي سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن. پيپلز پارٽي گڏو ۽ گڏي جي راند نه کيڏندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ پنهنجي رهائش تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان جو ايجنڊا آهي ته ملڪ ۾ سسٽم برقرار رهي ۽ پارليمينٽ هلندي رهي . هميشا اها ڳالهه ڪئي جيڪا ملڪ ۽ ادارن جي لاءِ بهتر هجي. هن چيو ته آپوزيشن ليڊر جي تبديلي لاءِ پي ٽي آئي جمهوري رستو اپنائي رهي آهي پي ٽي آئي جو جمهوري رستو اپنائڻ سٺي ڳالهه آهي.  18 ترميم کان اڳ آپوزيشن ليڊر جي چونڊ اسپيڪر ڪندو هيو ۽ هاڻي ادبي انگ اکر جي برطري ٿي ويندو آهي، هن وقت پ پ پ ۽ آپوزيشن جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي.  پارليميٽ ئي اهڙو ڪندو آهي جيڪو ملڪ کي مضبوط ڪري سگھي ٿو. عمران خان چوي ٿو ته آپوزيشن ليڊر کي هٽائڻ منهنجو حق آهي پي ٽي آئي جي ايڪشن هميشا نوازشريف کي مضبوط ڪيو. عمران خان جو ايم ڪيو ايم ڇا موقف رهيو  آهي اها سڀني کي خبر آهي.  ميڊيا ۾ عمران خان جون اهي ڳالهيون نشرر ڪرڻ گھرجن جيڪي پهريان چوندو هيو ۽ عمران خان ايم ڪيو ايم کان پهريان دل آزاري تي معذرت وٺي. خورشيد شاهه چيو ته اسان چونڊ بل ۾ ترميم جي ڄمي مخالفت ڪئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان چونڊ بل ۾ ترميم جي همايت ڪئي. هن چيو ته عمران خان هر شئي ۾ تڪڙ آهي. هو وقت کان اڳ اليڪشن جي گھر ڪري رهيو آهي.  پي ٽي  آئي ڪي پي ڪي ۾ اڌ سيٽون به کنيو ته الڪيشن کٽي ويندو. پ پ پ وٽ پارليميٽ ۾ 47 ميمبرن جي اڪثريت آهي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پوليٽيڪل پارٽي آرڊر جي آرٽيڪل 6 جي تحت ڪاروائي ڪري رهي آهي، جيڪي سياستدان عدالتن ۽ انصاف کان ڀڄندا آهن اهي سسٽم مان ئي گم ٿي ويندا آهن. هن چيو ته سياسي پارٽين کان نيب جي چيرمين جي لاءِ نالن جو منتظر آهيان. عارف علوي ، شفقت محمود ۽ شيرين مزاري سان صلاح ڪئي. ايم اين پي سراج الحق، آفتاب شيرپائو کان نالا ڏيڻ لاءِ چيو آهي، چيرمين نيب تي نوازشريف سان 20 منٽن تائين مشورو ٿيو هو سياسي پارٽيون نالو ڏينديون ته وزيراعظم کي آگاهه ڪندس.  ڪنهن به ماڻهونءَ جي بطور چيرمين مقرري جي لاءِ ان ڪميٽي ۾ 12 ميمبر ووٽ وجھندا آهن، جيڪڏهن ڪميٽي جا ميمبر برابر ووٽ وجھن ته فيصلو اليڪشن ڪميشن ۾ هليو ويندو آهي. هن چيو ته ملڪ جون اندروني ۽ ٻاهريون حالتون خراب آهن ٽيهن سالن ۾ اهڙيون حالتون ڪڌهن نه ڏٺيون جو ٻاهرين ملڪن کان خطرو هجي، اخبار  ۾ آيو آهي ته طالبانن جي پويان را جو هٿ آهي  پر دنيا ۾ ڪٿي به اسانجي لابنگ نظر نه ٿي اچي. پاڪستان کي ڀارت جو مڪروهه چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪرڻ گھرجي. هر ماڻهون ۽ ملڪ جي پنهنجي مفاد ۾ آهن. پ پ پ جو پارليميٽ ۾ ٻاهر موقف هڪ ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *