مخالف ڌر اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪرڻ خلاف آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اپوزيشن اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪرڻ جي خلاف آهي، اپوزيشن جي ڳالهه نه مڃي وئي ته وڏي نقصان جو خدشو آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي راهداري تي اتفاق راءِ لاءِ اڄ خميس تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي آهي، هن چيو ته اپوزيسن جي ڪوشش هوندي ته حڪومت کي پنهنجي موقف تي ڪائل ڪيو وڃي، جيڪڏهن اي پي سي ۾ اپوزيشن جي ڳالهه نه مڃيوئي ته وڏي نقصان جو خدشو آهي، خورشيد شاهه مطابق اي پي سي آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، اسفند يار ولي، عمران خان سميت ٻيا سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيندا، چئني صوبن جا وڏا وزير به شرڪت ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *