مخالف ڌر احتجاج جو شوق پورو ڪري، پرواهه ناهي، اين آر او نه ملندو: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او لاءِ ڪنهن به مون سان سڌو رابطو نه ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ۽ مخالف ڌر جي تحريڪ بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پارليامينٽ ميمبر به ٽيڪس ڏيڻ لاءِ عوامي آگاهي مهم هلائن. هن چيو ته مخالف ڌر احتجاج جو شوق پورو ڪري، مون کي ڪابه پرواهه ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي ڪارڪردگي سان جواب ڏيڻو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته  پارليامينٽ ميمبر عوام کي معاشي بحران جي ذميوارن کان آگاهه ڪن،  بجيٽ جي منظوري قانوني گهرج آهي،  سمورا پارليامينٽ ميمبر حاضري يقيني بڻائين.  هن چيو ته مون سان اين آر او لاءِ ڪنهن به سڌو رابطو نه ڪيو آهي، سڀني کي خبر آهي ته مان ڪرپشن ڪيسن تي سوديبازي نه ڪندس، مخالف ڌر اي پي سي گهرائي يا تحريڪ هلائي اين آر او نه ملندو.  وزيراعظم عمران خان چيو ته قبائلي علائقن ۽ بلوچستان جي لاءِ ترقياتي فنڊ ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته پاڪ فوج فاٽا ۽ بلوچستان لاءِ پنهنجي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *