مخالف ڌر اتحاد نواز دشمني قرار: وزير اعظم جي پٽن جون آف شور ڪمپنيون جائز آهن: ن ليگ

اسلام آباد(بيورو) حڪومتي جماعت مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي ڪا آف شور ڪمپني ناهي، سندس پٽن جون آف شور ڪمپنيون جائز آهن، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ جي جاچ کان ڀڄي رهي آهي . اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ اڳواڻ دانيا عزيز چيو ته مخالف ڌر ڄاڻي واڻي معاملا منجھائي رهي آهي. جيڪو سوال پارليامينٽ ۾ پڇيو ويندو ان جو جواب پارليامينٽ ۾ ئي ڏنو ويندو. مخالف ڌر اسان جي سوالن جا جواب ناهن ڏنا. اسان مخالف ڌر جي سوالن جا جواب 70 منٽن ۾ ڏئي ڇڏيا. هن چيو ته مخالف ڌر اتحاد نواز شريف دشمني ۾ ٺهيو آهي. اسان کان سوال ڪيا ويا ته اڌ پارليامينٽ توهان کان به سوال پڇندو، ڇو جو اڌ پارليامينٽ نواز شريف سان گڏ آهي. ان موقعي تي نجڪاري ڪميشن جي سربراهه محمدزبير چيو ته هڪڙي ڳالهه سڀني کي سمجھڻ گھرجي ته ميان صاحب جي ڪا آف شور ڪمپني ناهي، جيڪي آهن سي سندس خاندان جون آهن. آف شور ڪمپنيون ڪو ڏوهه ناهي. هن چيو ته وزير اعظم جي پٽن جون آف شور ڪمپنيون جائز آهن. اهي پرڏيهه ۾ ذاتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *