مخالف ڌرچارسده سانحي تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) خورشيد شاهه چيو آهي ته آرمي چيف پاران ملازمت ۾ واڌ نه وٺڻ جو اعلان سٺي روايت آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول ۽ چارسده واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي بيان سان قوم ۾ خوش ۽ فوج جو وقار بلند ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته آرمي چيف پاران ملازمت ۾ واڌ نه وٺڻ جو اعلان سٺي روايت آهي، سندس بيان ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته آرمي چيف جي ڳالهين مان اڳ ئي محسوس ٿيندو هو ته راحيل شريف حقيقي سپاهي آهي. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جو فيصلو فخر جوڳو آهي، چارسده سانحي تي ڀارتي وزيراعظم جي مذمت اچي وئي پر چوڌري نثار جو بيان ناهي آيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته باچا خان يونيورسٽي وينا ملڪ به وئي پر وزيراعظم ناهي پهتو. سندس چوڻ هو ته قومي ايڪشن پلان تي عملو نه پيو ٿئي، ٻڌايو وڃي ته عمل ڪرائڻ جو ذميوار ڪير آهي. خورشيد شاهه چيو ته نيڪٽا جو هر ٽئين مهيني اجلاس سڏائڻ گهرجي،ٽن هزار ڪيسن مان رڳ 60 ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن اماڻيا ويا آهن، ٻين ڪيسن جو فيصلو ڪير ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *