مخالف پارٽين پاران سنڌ ۾ مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت اپوزيشن پارٽين جا خدشا برقرار آهن، مخالف ڌر جي پارٽين اليڪشن ڪميشن کي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو هڪ ڀيرو وري مطالبو ڪيو آهي،ارباب غلام رحيم ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته آرمي مقرر نه ڪئي وئي ته درازا جهڙو واقعو ٻيهر ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن ارباب غلام رحيم، سينيٽر مظفر حسين شاهه، سيد ظفر علي شاهه، اعجاز شاهه شيرازي،اسماعيل راهو ،راحيلا گل مگسي، نند ڪمار، غلام شاهه ۽ شاهه محمد شاهه ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر تنوير ذڪي سان ملاقات ڪئي. اپوزيشن ڳواڻن مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان شڪايتون اليڪشن ڪمشنر آڏو پيش ڪندي هڪ ڀيرو وري مطالبو ڪيو ته مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم واضح ڪيو ته هو مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندا،فوج مقرر نه ڪرڻ جي صورت ۾ درازا جهڙو واقعو ٻيهر ٿي سگهي ٿو. اڳوڻي وڏي وزير وزيراعظم ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته سندن خدشا ختم ڪيا وڃن. مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر اسماعيل راهو مطالبو ڪيو ته ڊي آر اوز سنڌ حڪومت بدران وفاقي کاتن مان مقرر ڪيا وڃن،سمورن ضلعن جي پولنگ کي حساس قرار ڏنو وڃي. سينيٽر مظفر حسين شاهه ۽ ٻين چيو ته راڻيپور ۾ فوج مقرر هجي ها ته واقعو نه ٿئي ها،ايندڙ مرحلي دوران ووٽرز جو اعتماد بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *