مخالف اتحاد پ پ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، مڪاني چونڊن ۾ 700 اميدوارن جي بنا مقابلي ڪامياتي پارٽي جي مقبوليت جو ثبوت آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته مخالف اتحاد پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهن، اهڙن اتحادن سان پيپلز پارٽيءَ تي ڪو به فرق نه ٿو پوي، مڪاني چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ 700 کان وڌيڪ اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابيءَ سان مخالفن کي پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت جو اندازو ٿي ويو هوندو پر پيپلز پارٽي مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ان لاءِ مخالف چونڊن ۾ زور آزمائي ڪري ڏسن آمرن جي ساٿارين کي پنهنجي مقبوليت جي خبر پئجي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪجهه ڌرين کان اهو هضم نه ٿو ٿئي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم هجي پر پيپلز پارٽي اهڙن ماڻهن جي دلين تي مڱ ڏريندي رهندي. هن چيو ته 1947ع ۾ ملڪ ٺهيو پر 1970ع تائين عوام کي ون ووٽ ون مين کان محروم رکيو ويو ۽ ملڪ ۾ لڳاتار سالن کان مارشل لائي دورن عوام ۽ عوامي نمائندن کي نشانو بڻايو ۽ جڏهن به عوام پنهنجو فيصلو مڃرائڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان جي ڪڏهن عوام کي ڪوڙا هڻي ته ڪڏهن عوام تي گوليون وسائي سرڪوبي ڪئي وئي پر عوام آمرن جي ساٿارين سان مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته متحده قومي موومينٽ جو اسيمبلين مان استعيفائن وارو انتهائي قدم ڪنهن مسئلي جو حل نه هو پر ايم ڪيو ايم جي دوستن اسيمبلين مان استعيفائون واپس وٺڻ جو اعلان ته ڪيو آهي ته پر اڃا تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ واپس اچڻ بابت باضابطه آگاهه نه ڪيو آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته هو ڪڏهن ٿا استعيفي واپس وٺي اسيمبليءَ ۾ اچن. هن چيو ته سڀني مسئلن جو حل جمهوريت ۾ ئي آهي، جمهوريت اڳتي هلندي ته عوام جو جمهوريت ۽ رياست ۾ اعتماد وڌندو باقي آمر جنرل پرويز مشرف جي بهادري ڏسي چڪا آهيون، هو ته عدالت ۾ به وڃڻ کان ڊڄندو آهي ۽ جڏهن به سندس عدالت ۾ وڃڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته هو بيمار ٿي پوندو آهي. هن چيو ته شفاف احتساب لاءِ صوبائي احتساب ڪميشن جوڙي رهيا آهيون جنهن کي جلد سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو ۽ هي اهڙو احتساب ڪميشن هوندو جنهن تي جانبداريءَ جا الزام نه لڳن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *