مخالفن کي نيب ۾ ڦاسايو ويندو آهي، غير جانبداري سڀ ڄاڻون ٿا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس سردار طارق ريمارڪس ڏنا آهن ته بدقسمتي سان حڪومتن جي مَٽجڻ سان نيب جي رويي ۾ به جهڪاءُ ايندو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس سردار طارق ريمارڪس ڏنا ته بدقسمتي سان حڪومتن جي مَٽجڻ سان نيب جي رويي ۾ به جهڪاءُ ايندو آهي، ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نيب اپيلون ئي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اڄ به پنهنجن جا ڪيس اينٽي ڪرپشن کي ڏنا ويندا آهن، جيڪو مخالف هوندو آهي، ان کي نيب ۾ ڦاسايو ويندو آهي، نيب جي غير جانبداري ته توهان ۽ اسان سڀ ڄاڻون ٿا، نيب ڪيسن ۾ ضمانت رڳو هارڊ شپ اصولن تي ئي ٿي سگهي ٿي. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته نيب اثاثن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو طريقي ڪار نه ٻڌايو، خورشيد شاهه تي ڪٿي به اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام ناهي. جسٽس سردار طارق چيو ته حقيقتون سامهون اچڻ تي ٽرائل ڪورٽ پاڻ به چارج فريم ڪري سگهي ٿي. عدالت خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه ۽ ڀاتين جي وڪيلن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن نوٽيس باوجود وڪيل فاروق نائيڪ عدالت نٿو اچي پوءِ به اسان ڪيس هلائينداسين، جيڪڏهن ڌريون پيش نه ٿيون ٿين ته اپيلون خارج ڪري ڇڏينداسين، جڏهن نيب کي خبر آهي جوابدار سهڪار ناهن ڪندا ته ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ڇو نٿا داخل ڪن؟ جڏهن ضمانتي عدالت ۾ پيش نٿا ٿين ته ٽرائل ڪورٽ ۾ اڃا تائين نيب 514 جون درخواستون ڇو نه ڏنيون؟ خورشيد شاهه جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته خورشيد شاهه جي مبينا بي نامي ادارن کي ريفرنس ۾ شامل نه ڪيو ويو، ان خلاف 2012 ۾ نيب جاچ بند ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه، سندس پٽ، سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه سميت سڀني جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *