مخالفن جي نصيب ۾ صرف ڌرڻا آهن، نئون پاڪستان اسان پيا ٺاهيون: نواز شريف

ڊيرا اسماعيل خان (اين اين آءِ) وزيراعظم ميان محمد نوازشريف چيو آهي ته نئين پاڪستان جي دعويٰ ڪندڙن کي 2018 جي چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه به نه رهندو مخالفن جي نصيب ۾ ڌرڻا ۽ اسان جي نصيبن ۾ ڪم لکيل آهي. مخالف ڌرڻا هڻندا رهن ۽ اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين. ملڪ جو نوجوان عمران خان رانديڪو ۽ اسان لاءِ قومي اثاثو آهن جلسي عام کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته مولانا فضل الرحمان هميشه ڊيرا اسماعيل خان جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ۽ اڄ اسان پورو هوم ورڪ ڪري آيا آهيون. زباني اعلان نه پر پنهنجي اعلانن تي عمل ڪرڻ لاءِ آيا آهيون هن چيو ته گئس منصوبي جو افتتاح اوهان جي سامهون ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو پاڪ چين اقتصادي راهداري ڊيرا اسماعيل خان کان گذري ويو آهي جلد هتان ريل گاڏي جو به گذر ٿيندو جنهن کان عوام کي سفري سهولت ميسر ٿيندي. هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان کي پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ سان ملائي رهيا آهيون اها وڏي ڳالهه ۽ سيڙپڪاري اهي جنهن روڊ جو اسان افتتاح ڪيو آهي اهو به ان منصوبي جو حصو آهي 260 ڪلوميٽرن جي منصوبي تي اربين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن ان سان ڊيرا اسماعيل خان جي تقدير بدلجي ويندي هن جلسي جي شريڪن کان سوال ڪيو ته ڪهڙو نئون پاڪستان بڻجي رهيو آهي ان تي حاضرين جواب ڏنو نه نه، ڪوبه نئون پاڪستان نه بڻجي رهيو آهي هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته خيبرپختونخنواهه کي نئون ٺاهي نه سگهيا آهن ۽ اهي نئون پاڪستان ڪٿان ٺاهيندا. عوام ڄاڻي ورتو آهي ته ڪوبه نئون پاڪستان نه ٺهي رهيو آهي. هن چيو ته هن ملڪ جي نوجوانن کي عمران خان رانديڪو سمجهي رهيو آهي پر مولانا فضل الرحمان لاءِ نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اصولن تي اسان جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ نئين شراڪتداري قائم ٿي رهي آهي جيڪي ڊگهي عرصي تائين هلندي وزيراعظم نوازشريف ڊيرا اسماعيل خان لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته ڊيرا اسماعيل خان جي اندر هڪ زرعي يونيورسٽي جو قيام ڪيو ويندو هن چيو ته ڊيرا اسماعيل ايئرپورٽ جي تعمير جو انتظار نه ڪيو ويندو پر سول ايسوسيئيشن عملدارن ۽ ايف بي آر کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته عالمي ۽ قومي اڏامن جي آمد شروع ڪئي وڃي. وزيراعظم چمشا ڊيم ڪئنال منصوبي لاءِ 120 ارب رپين جي ٻين منصوبن جو به اعلان ڪيو هن چيو ته اڄ جو پاڪستان پهريان جي نسبت سان بهتر پاڪستان آهي ڊيرا اسماعيل خان ۾ گئس اچي رهي آهي پاڻي اچي رهيو آهي ۽ 2018 تائين لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي نه صرف لوڊشيڊنگ ختم ٿيندي پر بجلي کي سستو به ڪيو ويندو. ان کان اڳ نوازشريف يارڪ جي مقام تي 285 ڪلوميٽر جي موٽر وي روڊ جو سنگ بنياد رکيو ۽ اهو موٽر وي ٻن سالن ۾ 129 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *