محنت سان حاصل ٿيندڙ امن جي هر قيمت تي حفاظت ڪئي ويندي:  آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان کي چئلينجز هڪ جامع قومي ردعمل جي تقاضا ڪن ٿا آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ 8هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان ۾ شريڪ ٿيندڙن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ معاشري جي مختلف شعبن ۽ طبقن سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ملاقات پهرين کان 27 نومبر تائين ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿيندڙ ورڪشاپ جو حصو آهي ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته بلوچستان جي عوام پاران سيڪيورٽي فورسز جي پراعزم حمايت جي نتيجي ۾ صوبي ۾ استحڪام ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ دسمن قوتون جي ناپاڪ ارادن کي حڪمت عملي سان ناڪام بڻايو پيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *