محمد وسيم فلائي ويٽ سلور ڪيٽگري ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني باڪسر محمد وسيم فلائي ويٽ سلور ڪيٽگري ۾ ڪاميابي حاصل ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو نالو روشن ڪري ورتو آهي. فلائي ويٽ سلور ڪيٽنگري ۾ فلپائني باڪسر کي 112 جي مقابلي ۾ 114 پوائنٽن تان شڪست ڏئي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو. باڪسر جي ڪاميابي سان سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سندس گهر ۾ جشن ملهايو ويو. محمد وسيم ميچ ۾ ڪاميابي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان ڪاميابي ۾ الله جو شڪر ادا ڪري رهيو آهيان ۽ سڄي قوم جون دعائون مون سان گڏ هيون جنهن سبب ٽائٽل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *