محمد عامر پاران ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي ترديد

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جون خبرون سختي سان رد ڪري ڇڏيون آهن فاسٽ بالر جو چوڻ آهي ته هو ٽنهي فارميٽ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي ۽ مڪمل فٽ آهي پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جون خبرون سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته فاسٽ بالر طور ٽنهي فارميٽ ۾ اعليٰ معيار برقرار رکڻ لاءِ سخت محنت ضروري آهي ڪرڪيٽ ۾ واپسي کانپوءِ ڪجهه وقت مشڪلاتون پيش آيون پر هاڻ هو ٽنهي فارميٽ لاءِ مڪمل فٽ ۽ پاڪستان جي ڪاميابي ۾ حضو وٺڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي، هڪ انٽرويو ۾ محمد عامر چيو ته اسپاٽ فڪسنگ کانپوءِ ۵ سالن جي پابندي وارو دور تمام ڏکيو هو، هو پنهنجي ڪيريئر جي عروج تي غلط حرڪت سبب راند کان پري ٿي ويو پر هن غلطي مان سبق سکيو آهي ۽ پهريان کان وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *