محمد عامر فٽ، اڄ نيوزيلينڊ خلاف ٻي ون ڊي کيڏندو،شعيب ملڪ جو ٽيم ۾ شامل ٿيڻ شڪي بڻيل

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عامر فٽ ٿي ويو آهي ۽ اڄ نيوزيلينڊ خلاف ٻي ون ڊي کيڏندو، جڏهن ته شعيب ملڪ جو ٻي ون ڊي لاءِ به ٽيم ۾ شامل ٿيڻ شڪي بڻيل آهي، محمد عامر نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جيڪو هاڻ فٽ ٿي ويو آهي ۽ ٻي ون ڊِي ۾ ٽيم جو حصو هوندو، جڏهن ته آل رائونڊر شعيب ملڪ جو ٻي ون ڊي لاءِ به ٽيم ۾ شامل ٿيڻ شڪي آهي، جيڪو پهرين ون ڊِي کان پهرين ٽريننگ دوران ان فٽ ٿي ويو هو، ٽيم انتظاميا مطابق ٻي ون ڊي کان پهرين شعيب ملڪ جي فٽنيس ٽيسٽ ورتي ويندي ۽ جيڪڏهن هو فٽ هوندو ته کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *