محمد عامر جي اعترافي وڊيو نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ مددگار ثابت ٿي رهي آهي: روني فلينگ

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا ماڻيندڙ فاسٽ بالر محمد عامر جي اعترافي وڊيو نوجوان ڪرڪيٽرن کي ڊيڄارڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي رهي آهي.آئي سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي چيف روني فلينگ جو چوڻ آهي ته عامر خاص وڊيو تيار ڪرائي،جنهن ۾ هُن پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ انهيءَ جي نقصانن تي به روشني وڌي آهي.جڏهن ته اها وڊيو نوجوان رانديگرن کي ڪرپشن کان پاڪ رکڻ ۾ گهڻي مددگار ثابت ٿي رهي آهي ۽ اسانجي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي ليڪچر جي نصاب جو اهم حصو به آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *