محمد بن سلمان جو دورو تاريخي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين اقتصادي باب جي شروعات ٿيندي: اسد عمر

اسلام آباد: آچر 17 فيبروري 2019ع: وفاقي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو پاڪ/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 04

ستان جو دورو تاريخي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين اقتصادي باب جي شروعات ٿيندي، سعودي توانائي ڪمپني جو پاڪستان ۾ دلچسپي وٺڻ سٺو سنوڻ آهي، سعودي عرب متبادل توانائي جي منصوبن ۾ به سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي.

پي ٽي وي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي ناڻي واري وزير چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو هي تاريخي دورو آهي ان دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچندا ۽ نئين اقتصادي باب جي شروعات ٿيندي. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ به سيڙپڪاري ڪندو، پاڪستان ۾ توانائي جي مد ۾ آمدني واپار سڀ کان وڌيڪ آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سعودي توانائي ڪمپني جو پاڪستان ۾ دلچسپي وٺڻ سٺو سنوڻ آهي، سعودي عرب متبادل توانائي جي منصوبن ۾ به سيڙپڪاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *