محرم مهيني ۾ جلسن جلوسن ۾لائوڊ اسپيڪر جي استعمال جي اجازت، استعمال احتياط سان ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچيس (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شعيه عالمن جي درخواست تي محرم الحرام دوران جلسن جلوسن ۾ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال جي اجازت ڏني آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويندو، هي منظوري هن اربع تي سي ايم هائوس ۾ شعيه عالمن سان اجلاس ۾ ڏني، اجلاس ۾ مڪاني کاتن وارو وزير سيد ناصر شاهه، وڏي وزير جو معاون خاص قيوم سومرو، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، وقار مهدي، راشد رباني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ مولانا نظير عباس، باقر زيدي، مولانا فرقان حسين عابدي، مولانا جعفر صبحاني ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، شعيه عالمن سي ايم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس سڏائڻ تي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته حڪومت جلسن دوران لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي جنهن جي ڪري محرم دوران وڏا اجتماع ۽ ماتلي جلوسن کي لائوڊ اسپيڪر کانسواءِ خطاب ڪرڻ لاءِ عالمن سڳورن کي ڏکيائي ٿيندي، انکانسواءِ جلسن دوران عزادارن کي ضروري هدايتون ڏيڻ لاءِ به لائوڊ اسپيڪر جو استعمال ضروري هوندو آهي پر پابندي سبب ڏکيائي ٿيندي، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي هنئين وئي آهي، پر جيڪڏهن اوهان کي لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيان ٿو ته ان جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻو پوندو ۽ ڪوڊ آف ڪنڊٽ تحت استعمال ڪيو ويندو، ٻئي صورت ۾ سڄي صوبي ۾ ڪٿي به چڙ ڏياريندي تقريرو ٿيون ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *