محرم الحرام جي دوران سنڌ اندر هر صورت ۾ امن امان بحال رکيو ويندو: سهيل انور سيال

لاڙڪاڻو  (بيورو) محرم الحرام جي دوران سنڌ اندر هر صورت ۾ امن امان بحال رکيو ويندو ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال اڄ ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن جناب غلام اڪبر لغاري، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جناب سائين رکيو ميراڻي، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جناب جاويد علي جاگيراڻي، ڊپٽي ڪمشنر قمبرشهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪمشور ڪنڌڪوٽ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ ڪيل انتظامن بابت صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني ۽ محرم الحرام دوران ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير، ايس ايس پيز کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجن پنهنجن ضلعن اندر گشت کي وڌائن ۽ شرپسند عناصرن تي ڪڙي نظررکي وڃي، انهي سان گڏوگڏ ٽريفڪ جي نظام کي پڻ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن محرم الحرام دوران عزادارن جي جلوسن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف درپيش نه اچي ۽ جلوسن سان پوليس جي نفري جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته امام بارگاهن، مجلس گاهن، مدرسن، مسجدن ۽ ٻين هنڌن تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن. شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پڻ سڪيورٽي کي سخت ڪيووڃي. جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي ذريعي جلسن، جلوسن وغيره جي نگراني ڪئي وڃي، واڪ ٿرو گيٽس لڳايا وڃن ۽ حساس هنڌن جي وڌيڪ نگراني ڪئي وڃي. ان موقعي تي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو صفائي سٿرائي، ڊرينيج ۽ لائيٽنگ کي يقيني بڻائن ۽ محرم الحرام دوران لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن توڙي دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ايمبولينس کي تيار رکيو وڃي. هن چيو ته پوليس سان گڏ رينجرس جا جوان به پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندا. هن چيو ته محرم الحرام دوران ڀائيچاري، محبت ۽ امن امان جي فضا کي قائم رکيو وڃي، انهي سان گڏوگڏ ضلعن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن ته جيئن ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *