محترمه بينظير ڀٽو کي اسان تي اعتماد هو ۽ مون کي پاڻ تي اعتماد آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوجوانن جي اعليٰ تعليم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو نوجوان عملي زندگي ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهن هو اڱاري تي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي زيبسٽ جي ڪانوڪينشن کي خطاب ڪري رهيو هو هن ان موقعي تي تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن انهن جي والدين ۽ استادن کي مبارڪباد ڏني هن چيو ته سکڻ جو عمل سڄي زندگي هلندو آهي نوجوانن کي اڳتي اچي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو نوجوانن جي تعليم کي وڏي اهميت ڏيندي هئي نوجوانن جي اعليٰ تعليم ان جو خواب هو هن چيو ته تعليم مڪمل ڪندڙ شاگرد ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ملڪ کي نوجوان ۽ ذهين ماڻهن جي ضرورت آهي هن چيو ته توهان هن قوم جي ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو آيو منهنجو خاندان دهشتگردي سان منهن ڏنو مان ڄاڻان ٿو ته اهو ڏک ڇا هوندو آهي منهنجي امڙ آمريت جي خلاف هميشه آواز اٿاريو اسان کي نااميد نه ٿيڻ ڏنو ويو اڄ اهو خواب پورو ٿيندو ڏسي رهيو آحيان جيڪو منهنجي امڙ ڏٺو هو ان موقعي تي هن تعليم مڪمل ڪندڙ شآگردن ۾ ڊگريون ورهايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *