متحده ڪراچي کي ٻيهر رت ۾ وهنجارڻ چاهي ٿي: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزير اطلاعات ۽ محنت سنڌ سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر هن شهر ۽ صوبي ۾ لساني ۽ تعصب تي ٻڌل سياست ڪري هتي نفرتون ڦهلائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. پوري سنڌ ۾ عوامي مسئلن جي بجاءِ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي آڙ ۾ مظاهرا ڪري اپوزيشن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انهن کي عوام جي مسئلن جو ڪوئي فڪر ڪونهي. اچڻ وارن مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي واظح طور تي پنهنجي شڪست نظر آچي رهي آهي ۽ هو هن هار کي لڪائڻ لاءِ هن شهر کي لسانيت جي باهه ۾ اچلائڻ چاهي ٿي. هڪ دفعو ٻيهر نالائق وفاقي حڪومت ڪراچي جي شهر تي بهلي جي في يونٽ ۾ 3.76 روپيا اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان هن مهيني ڪراچي جي شهرين کي سوا ست ارب روپين کان وڌيڪ جو ٽيڪو لڳايو ويندو. 10 ڊسمبر پوري ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي تحت مهانگائي، بيروزگاري، گيس ۽ بجلي سميت وفاقي حڪومت جي ٻين نالائقين جي خلاف ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع جي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا ٽاڪ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي علي راشد ۽ ٻين پڻ ان سان گڏ موجود هئا. سعيد غني چيو ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال اها آهي ته صوبي سنڌ جي آئين مطابق گيس پيدا ڪرڻ واري صوبي جي تحت پوري گيس حاصل ڪرڻ جو حق آهي اتي گهرن جا چولها بند ٿي ويا آهن ۽ هتي هاڻي اهو دور اچي ويو آهي ته ماڻهن کي کاٽين ۽ ڪوئلي جي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته نالائق وفاقي حڪومت ايل اين جي، جي درآمد ڪئي ۽ سڀ کان وڌيڪ پنجاب جتي گيس جي کوٽ آهي اتان جي صنعتڪارن کي 09 ڊاڪر جڏهن ته سنڌ جي صنعتڪارن کي 15 ڊالر جي فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جيڪو پنهنجي پاڻ کي شهري علائقن جي وارٽ ۽ ٺيڪيدار ٻڌائيندي آهي ۽ انهيءَ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي کان پيٽرول جي قيمتن ۾ عالمي منڊي ۾ اضافي تي اضافو ڪرڻ تي 4 دفعا حڪومت کان عليحدگي اختيار جي اڄ عالمي منڊِ ۾ هن وقت جي مطابلي نصف قيمت ٿيڻ ۽ پاڪستان ۾ قيمتن جو حد کان وڌيڪ اضافي تي اڄ صرف وزارتن جي مزو وٺڻ لاءِ خاموش آهي. هن چيو ته اڄ ڪرائي سميت پوري صوبي ۾ گيس جو بحران آهي. بجلي جي قيميتن سميت مهانگائي هن ملڪ جي عوام جي چيلهه ڀڃين پڏي آهي پر هو خاموش آهن؟ ڇو ته ايم ڪيو ايم سميت اپوزيشن جماعتون عوام ووٽن جي ناهي بلڪي ڪنهن ٻئي جي ڪنڌن تي ويهي ڪري اسيمبلين ۾ ايندي آهي ۽ هن عوام ۾ وڃڻو نه آهي. سعيد غني چيو ته اها ايم ڪيو ايم جو پنهنجي پاڻ کي ڪراچي سميت شهري علائقن کي وارث قرار ڏيندي آهي، هن آدم شماري سميت سنڌ دشمن قانونن کي جوائنٽ سيشن ۾ منظور ٿيا ان جو حصو بڻجي رهي. سعيد غني چيو ته هن وقت سنڌ صوبي کي محبتن جي ضرورت آهي ۽ نقرتن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر افسوس ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر هن شهر ۾ نفرتون ڦهلائڻ جي سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي آڙ ۾ جنهن  طرح ڪراچي ۾ نفرت انگيز بينرز ۽ مظاهرن ۾ تعصب تي ٻڌل ان جا ليڊر خطاب ڪري رهيا آهن، ان کان ان جي پريشاني جو اندازو ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزير اطلاعات ۽ محنت سنڌ سعيد غني چيو ته گورنر سنڌ جي وٽ اسيمبلي مان منظور ٿيل بل کي موڪلڻ آئيني آهي ۽ گورنر جيڪڏهن هن بل کي منظور نٿو ڪري ۽ ان تي ڪوئي اعتراض ڪري ٿو ته اسيمبلي ان کي ٻيهر ڏسندي آهي ۽ ٻيهر ان کي منظور ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ڇاڪاڻ ته ڪميشن لاءِ ايڪٽ جي وقت اسيمبلي جو اجلاس نه هو ان لاءِ گورنر کي اهو براءِ راست موڪليو ويو ۽ گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير گورنر ڏي وڃي ڪري ان تي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو ايڪٽ عوامي مفاد ۾ آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ اپوزيشن جماعتن عوامي ووٽن کان چونڊجي ڪري اسيمبلين ۾ ناهي ايندي اتي بلڪي ٻئي رستي کان اينديون آهن ان لاءِ انهن کي عوامي مسئلن جي بجاءِ پنهنجي وسيلن ۾ وڌيڪ دلچسپي هوندي آهي. ڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنهن پارٽي جي اسيمبلي ۾ اڪثريت هوندي آهي وڏو وزير انهيءَ جو هوندو آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کان سوال ڪيو وڃي ته جڏهن ارباب غلام، ڄام صادق، مظفر علي شاهه، لياقت جتوئي، مهر صوبي جي وڏو وزير هئا هن وقت هو ايوان ۾ وڏي سياسي جماعت هئي هن وقت ان کان اردو ڳالهائڻ واري وزير اعليٰ جو مطالبو ڇونه ڪيو ويو ۽ عوام جي ووٽن تي سودي بازي ڇو ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوتايون ٿي سگهن ٿيون ان کي صحيح ڪري سگهجي ٿو، پر ان جي آڙ ۾ صوبي جو امن ۽ امان خراب ڪرڻ ۽ نفرتن کي وڌائڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اهو ايم ڪيو ايم جي نفرت انگيز مهم جي مذمت ڪيون ٿا. ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ جي سوال تي هن چيو ته اها هر سال ايندي آهي، مان انهن رپورٽس تي يقين ناهيان ڪندو پوءِ به انهن عدليه پوليس ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي آهي، ان کي ٺيڪ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده نااهل ۽ نالائق پي ٽي  آئي حڪومت ۾ ڪرپشن انڊيڪس ۾ اضافو ٿيو آهي، اها ڪرپشن ختم ڪرڻ جا دعويدار هئا. ان جي اي ٽي ايمز ماڻهن جي جيبن مان اربين روپيا ڪڍيا آهن.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *