متحده کي سنڌ سرڪار ۾ شامل ڪرڻ سان سنڌ کي فائدو پهچي ٿو ته اهڙو قدم ڇو نه کڻجي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير نثار کهڙي چيو آهي ته متحده کي سنڌ سرڪار ۾ شامل ڪرڻ سان سنڌ کي فائدو پهچي ٿو ته اهڙو قدم ڇو نه کڻجي، 60-40 واري فارمولا کي پ پ سان منسوب ڪندڙن کان عوام پاڻ پڇي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته ايم ڪيو ايم سان هڪ ويزن تحت سرڪار ۾ شموليت لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن، ڪنهن قدم سان سنڌ جو فائدو ٿئي ٿو ته ڇو نه کڻجي؟ هن چيو ته پ پ پاڻ 60/40 واري فارمولا تي عمل جا مطالبا ڪندي رهي آهي، اهو فارمولا رڳو ڪراچي لاءِ نه پر سنڌ جي ٻين شهري علائقن لاءِ به آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ان فارمولا کي پ پ سان منسوب ٿا ڪن، عوام انهن کان پاڻ پڇي سگهي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته کيس اعتراض هئا ته حڪومت ۾ شامل ڇو رهيو، حسنين مرزا ۽ ڊاڪٽر فهيده مرزا سندس بيانن جي حمايت ڪن ٿا يا نه، اهو پاڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا. تعليم واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪار معياري تعليم لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جلد بند پيل اسڪول به کولرايا ويندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *