متحده پاڪستان نه رهندي، هڪ نئين پارٽي ٺهندي جنهن ۾ سڀ پارٽيون گڏبيون: منظور وساڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) واپار ۽ صنعت واري صوبائي وزير خوابن جي شهزادي منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي هاڻ هڪ نئين پارٽي ٺهندي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪ سر زمين پارٽي ۽ مهاجر قومي موومينٽ سڀ گڏ ٿينديون. تفصيل موجب خوابن جي شهزادي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهرا جي پاڪ سر زمين پارٽي ۾ شموليت بعد ايم ڪيو ايم جي لاهن چاڙهن بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته هڪ نئين پارٽي بڻجندي جنهن ۾ سڀ شامل ٿينديون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان نه رهندي، جڏهن ته پاڪ سر زمين پارٽي ۽ حقيقي ختم ٿي وينديون. هن وڌيڪ چيو ته نئين پارٽي جو سربراهه ڪير هوندو اها پوءِ خبر پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *