متحده پاران نائين زيرو تي رينجرز ڇاپي جي عدالتي جانچ جو مطالبو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيوايم نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي کي 4 مهينا پورا ٿيڻ کانپوءِعدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته عدالتي ڪميشن جوڙي نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي بابت اڻڌري جاچ ڪرائي حقيقتون سڄي دنيا جي سامهون آنديون وڃن. بيان ۾ چيو ويو ته ايم ڪيوايم نائن زيرو تي ڇاپي جي حوالي سان گذريل ڪجهه ڏينهن اندر ميڊيا کي ڪوبه بيان جاري ناهي ڪيو، ان ڪري حقيقتن کي ٽوڙڻ مروڙڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿوٿئي، ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو ته جيستائين نائن زيرو تي ڇاپي، اتان گرفتارڪيل ماڻهن ۽ ميڊيا کي رينجرز جي ڏنل بريفنگ جو تعلق آهي ته ان بابت ايم ڪيو ايم جون شڪايتون جائز ۽ مڪمل حقيقتن تي ٻڌل آهن. ترجمان چيو ته ان وقت جڏهن سڄي ملڪ جو عوام عبادتن ۾ رڌل آهي ته رينجرز جي ترجمان بنا ڪنهنن جواز جي بيان ڇو جاري ڪيو ۽ بلڪل عيد جي موقعي تي ان قسم جا بيان جاري ڪرڻ پويان ڪهڙا مقصد لڪل آهن؟ هن چيو ته مناسب اهو هوندو ته ان معاملي تي ميڊيا کي بيان جاري ڪرڻ بدران سپريم ڪورٽ يا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل اڻڌري ڪميشن جوڙي نائن زيرو تي ڇاپي ۽ ايم ڪيوايم جي ميڊيا سيل جي ڪارڪن وقاص شاهه جي قتل واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ان معاملي بابت سڀ حقيقتون سڄي دنيا جي سامهون اچي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *