متحده قومي موومنٽ جي قومي اسيمبلي ميمبر سلمان مجاهد بلوچ تي جنسي زيادتي جو الزام

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومنٽ جي قومي اسيمبلي ميمبر سلمان مجاهد بلوچ تي جنسي زيادتي جو الزام لڳي ويو. ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪراچي جي هڪ ڇوڪري سماجي ڪارڪن صارم برني سان رابطو ڪيو ۽ کيس ثبوت پيش ڪندي چيو ته مجاهد بلوچ کيس مسلسل زيادتي جو نشانو بڻايو آهي ان ڪري قومي اسيمبلي جي ميمبر خلاف ڪارروائي ۾ مدد ڪئي وڃي. ڇوڪري چيو ته سلمان مجاهد نوڪري جو آسرو ڏئي آفيس گهرايو ۽ مون کي زيادتي جو نشانو بڻايو، ان کان پوءِ منهنجون غير اخلاقي تصويرون ڪڍيون ۽ ويڊيو بڻائي بليڪ ميلنگ شروع ڪئي ۽ ڪافي عرصي تائين مسلسل زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو. هن چيو ته جڏهن مون شادي ڪئي ته سلمان مجاهد ناراض ٿي منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو. سماجي ڪارڪن صارم برني متاثر ڇوڪري جي مدد ڪندي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *