متحده سربراهه الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور(م.ڊ) متحده سربراهه الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست گذار گورنر سنڌ عشرت العباد کي هٽائڻ ۽ صولت مرزا جي ڦاهي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي به اپيل ڪئي آهي. بيريسٽر ظفرالله سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ متحده سربراهه الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن اپيل ڪئي آهي ته الطاف حسين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي چڪو آهي ان ڪري سندس بيانن تي به پابندي وڌي وڃي. درخواست گذار گورنر سنڌ عشرت العباد کي هٽائڻ ۽ صولت مرزا جي ڦاهي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي به اپيل ڪئي آهي. بيريسٽر ظفر الله پنهنجي درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي رجسٽريشن ختم ڪئي وڃي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *