متحده سربراهه الطاف حسين پاران مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سندسچوڻ آهي ته مون قوم سان واعدو ڪيو هو ته ظالمن اڳيان ڪنڌ نه جهڪائيندس ۽ پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏيندس پر مظلوم، محروم عوام جي حقن ۽ مفادن جو سودو ڪڏهن به نه ڪندس. لنڊن مان جاري هڪ بيان مطابق الطاف حسين مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته الطاف حسين جو چوڻ آهي ته مان قوم سان ڪيل پنهنجو واعدو ضرور پاڙيندس، پنهنجي زندگي قربان ڪندس پر اردو ڳالهائيندڙن سان گڏو گڏ پاڪستان جي سمورن مظلوم ۽ محروم عوام جي حقن ۽ مفادن جو سودو ڪڏهن نه ڪندس،مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال سان پنهنجي زندگي پوري ڪري مان پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ پيو وڃان.سندس چوڻ هو ته مان اهو قدم ان ڪري کڻي رهيو آهيان ڇو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، فوج، رينجرز ۽ پوليس ڪاري قانون جو سهارو وٺي اردو ڳالهائيندڙن جي معاشي ۽ جسماني نسل ڪشي ۾ رڌل آهن.الطاف حسين چيو ته اڄ پاڪستان کي ٺهي 67 سال گزرڻ کانپوءِ به اردو ڳالهائيندڙن کي برابر جو پاڪستاني شهري نه پيو سمجهيو وڃي، سالن کان هلندڙ اردو ڳالهائيندڙن جي قتل ۾ هزارين اردو ڳالهائيندڙ سهيد ڪيا ويا آهن پر ڪنهن به قاتل کي ڪڏهن به گرفتار ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ ان وقت جي سنڌ جي صوبائي حڪومت ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪري ۽ لساني بل پيش ڪري، سنڌ جي مستقل رهاڪن ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن جي خلاف پر امن احتجاج ڪندڙ مهاجرن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ،جنهن کانپوءِ سنڌ جي اندر هڪ گڏيل سازش هيٺ لکين اردو ڳالهائيندڙن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، هزارين بي ڏوهين کي قتل ڪيو ويو، ڪيترا ئي زخمي ۽ بي گهر ڪيا ويا، ان قتل عام ۽ ظلم جا ذميوار ڪٿي آهن ۽ اڄ تائين انهن جي خلاف ڪهڙو ايڪشن کنيو ويو آهي.الطاف حسين چيو ته 37 سالن جي جدوجهد کانپوءِ هاڻي آخري نتيجي تي پهتو آهيان ته پاڪستان جي طاقتور اسٽيبليشمينٽ، ذميدار، وڏيرا ۽اقتدار مافيا نه رڳو اردو ڳالهائيندڙن سان سخت نفرت  ۽ حقارت تي يقين رکن ٿا پر پاڪستان جي زمين تان اردو ڳالهائيندڙن کي پوري طرح ختم ڪرڻ چاهين ٿا، اسٽيبليشمينٽ جي 67 سال گذرڻ کانپوءِ به اردو ڳالهائيندڙن کي پاڪستاني ناهي مڃيو. الطاف حسين چيو ته ڪراچي امن جي سڀ کان وڏي حامي ايم ڪيو ايم آهي، ڪراچي  ۾ سڀ کان اڳ آپريشن جو مطالبو ايم ڪيو ايم ڪيو هو ۽ ڏوهارين، قاتلن ۽دهشتگردن جي خلاف بنا فرق ، ان ڌريو ۽ شفاف آپريشن جو مطالبو ڪيو هو پر جڏهن آپريشن شروع ڪيو ويو ته رڳو ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو ويو، هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جي عوام سان دوکو ڪيو ويو، هن آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جا4 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.الطاف حسين جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اسٽيبليشمينٽ، آئين ۽ قانون کان مٿانهين آهي، اها به گهڻي ڏک واري حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ ڪا به سياسي پارٽي، صحيح معنيٰ ۾ جمهوريت پسند ناهي، سڀ جا سڀ سڌي يا اڻ سڌي طرح اسٽيبليشمينٽ جا ايجنٽ آهن ۽ پاڪستان ۾ انڌو ذميداراڻو نظام ۽ اسٽيٽس کي برقرار رکڻ چاهي ٿو.هن چيو ته مون اردو ڳالهائيندڙن جي خلاف هلندڙ ظلم ۽ ناانصافي کي روڪڻ ۽ انهن کي پاڪستان ۾ هڪ عزت وارو مقام ڏيارڻ لاءِ پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي، پر منهنجي سمورين ڪوششن کانپوءِ به، نه ئي اردو ڳالهائيندڙن جي نسل ڪشي رڪجي سگهي نه انهن کي انصاف ملي سگهيو، هاڻي انهن حالتن ۾ مون وٽ انکانسواءِ ٻيو ڪو به رستوناهي ته مان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪيان.ايم ڪيو ايم جي سربراهه چيو ته بک هڙتال جا انتظام شروع ٿي چڪا آهن ۽ مقامي انتظاميا کان اجازت ملندي ئي مان بک هڙتال شروع ڪري ڇڏيندس، منهنجي مرڻ کانپوءِ پارٽي جا معاملا مڪمل طور تي رابطا ڪميٽي جي هٿ ۾ هوندا ۽ پوءِ رابطا ڪميٽي جي مرضي آهي ته هو تحريڪ کي جاري رکي يا ان جي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي، جڏهن  ته رابطا ڪميٽي کي اها وصيحت آهي ته تحريڪ جي شهيدن کي هميشا ياد رکيو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *