متحدا خلاف صولت مرزا جي بيانن ۾ سچائي نظر اچي رهي آهي: شهريار مهر

سکر (بيورو) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار خان مهر چيو آهي ته، جيڪڏهن گورنر راڄ سنڌ جي فائدي ۾ هوندو ته ان جي حمايت ڪندا، متحده خلاف صولت مرزا جي بيانن ۾ سچائي نظر اچي رهي آهي، پر سنڌ سرڪار کي هاڻي پاليسي واضح ڪرڻي پوندي، سکر ۾ واپارين طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان مهر چيو ته، سنڌ جي حالت خراب آهي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته معاشي طور بچاءُ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو، جيڪڏهن گورنر راڄ لڳو ۽ سنڌ جي فائدي ۾ هوندو ته هو ان جي به حمايت ڪندا، هن چيو ته نائين زيرو تي حڪومت جي سرپرستي ۾ رينجرز آپريشن ڪيو ويو، وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه پاڻ چئي چڪو آهي ته هو ڪراچي آپريشن جو ڪپتان آهي، تنهنڪري حڪومت کي هاڻي پنهنجي پاليسي  واضح ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته صولت مرزا جي طرفان متحده خلاف لڳايل الزامن ۾ سچائي نظر اچي رهي آهي، مرندڙ ماڻهو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي، عزير بلوچ جي حوالي سان چوڻ هو ته هن جي طرفان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ اڳواڻن تي الزام لڳايا ويا آهن پر ان  تي اڃا خاطر خواهه ڳالهيون سامهون اچڻ گهرجن، هن چيو ته پرويز مشرف جو سڌو سياست ۾ رول نظر نه اچي رهيو آهي، هن چيو ته، آغا سراج دراني طرفان لکي غلام شاهه ۾ ڪرايل ميلي ۾ جوا هلرائڻ جي الزامن ۾ ڪابه صداقت نه آهي  هو  جڏهن بلديات کاتي جو وزير هو، هن ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين ادارن جي تباهي ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار سکر شهر جي بهتري لاءِ 20 ارب ڏيڻ باوجود شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *