مبينا چونڊ ڌانڌليون، جڊيشل ڪميشن جو اجلاس، فافن جي هيڊ آف پروگرامز کان آڏي پڇا مڪمل

اسلام آباد (بيورو) ٻه هزار تيرنهن جي عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪيمشن جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل، غير سرڪاري تنظيم فافن جي هيڊ آف پروگرامز جي آڏي پــُڇا مڪمل ڪري ورتي،مدثر رضوي جو چوڻ آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان 38 هزار 274 پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو ۽ چونڊن بابت 47 کان وڌيڪ رپورٽس شايع ڪيون. جڊيشل ڪيمشن جو اجلاس جسٽس ناصر المـُلڪ جي سربراهي هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيو. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي، غير سرڪاري تنظيم فافن جي هيڊ آف پروگرامز مدثر رضوي کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي. مدثر رضوي چيو ته فافن جومقصد چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ هوندو آهي ۽ ان مقصد لاءِ سندن 40 هزار مبصرن چونڊن لاءِ ڪم ڪيو. مدثر رضوي چيو ته هنن اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان 38 هزار 274 پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو ۽ چونڊن بابت 47 کان وڌيڪ رپورٽس شايع ڪيون. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا چونڊن بعد ڪنهن حڪومتي اهلڪار يا سياسي شخصيت طرفان کين ڪا ڌمڪي ملي؟ جنهن تي مدثر رضوي چيو ته کيس سڌي ريت ڪابه ڌمڪي نه ملي. مدثر رضوي ٻڌايو ته اسپيڪر اياز صادق جي تڪ اين اي 122 جي رپورٽ بابت کيس فون ڪال آئي،جنهن ۾ هن فافن جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. فافن جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته چونڊن کان اڳ،پولنگ واري ڏينهن ۽ اليڪشن کانپوءِ مشاهدو ڪيو ويو. عبدالحفيظ پيرزادي سوال ڪيو ته ڇا چونڊ عمل دوران ڪا رپورٽ تيار ڪئي وئي؟جنهن تي مدثر رضوي ٻڌيو ته فافن پاران 6 هزار صفحن تي ٻڌل رپورٽ جوڙي وئي هئي، جيڪا انڪوائري ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. انکانپوءِ جڊيشل ڪميشن، اليڪشن ڪميشن جي هاڻوڪي سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سيڪريٽري شير افگن کي سومر تي طلب ڪري ورتو. ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست تي تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن کان رپورٽ به طلب ڪندي اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *