ماڻهو عبادت جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، ان جي خلاف آهيان: مٿيرا

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ميزبان مٿيرا چيو آهي ته هوءَ اداڪارن ۽ ٻين ماڻهن طرفان عبادت ڪرڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ جي خلاف آهي.اداڪارا مٿيرا تازو هڪ آن لائن يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پنهنجي رمضان جي روٽين بابت ٻڌايو.مٿيرا چيو ته هوءَ افطاري ۾ رڳو روح افزا شربت ٺاهيندي آهي.مٿيرا چيو ته مان انهن شين جي خلاف آهيان ته ڪو سوشل ميڊيا تي نماز لاءِ ويهي تصويرون پوسٽ ڪري، اهو ناهي ته تصوير پوسٽ نه ڪرڻ سان عبادت قبول نه ٿيندي.هن چيو ته منهنجي خيال ۾ صدقو ۽ دين پرائيويٽ هجڻ گهرجي، ڇو ته اهو انسان جي روح لاءِ هوندو آهي پر ماڻهو ان کي ابتو ڏسن ٿا، ماڻهو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ عبادت ڪن ٿا.سندس موجب مون کي سياست ۾ ڪا دلچسپي ناهي، سياست خراب شئي آهي، نه چاهيندي به ماڻهو ان ۾ خراب ٿي وڃن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *