ماڻهن وٽ وڏيون گاڏيون آهن، سٺو لائف اسٽائل آهي، پر ٽيڪس نٿا ڏين: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو اهي ته حڪومت جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي ڏسندس ته غربت ختم ٿي يا نه 22 ڪروڙ آبادي ڪنهن به ملڪ جي وڏي طاقت هوندي آهي جيڪڏهن اوهان پنهنجي معيشت ۾ شامل ڪريو ته اسان جي وڏي طاقت ٿابت ٿيندا ڊجيٽل پاڪستان هن سفر جو نالو آهي جنهن تحت اسان ماڻهن کي معيشت ۾ شامل ڪنداسين دنيا م اڳتي نڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجي مان فائدو وٺڻو پوندو 22 ڪروڙ آبادي کي رسمي معيشت جو حصو بڻائي اثاثو ٺاهي سگهجي ٿو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين هيٺين طبقي جون حالتون بهتر بنائڻ ئي اسان جي اصل ڪاميابي هوندي هو اڱاري تي ملڪ جي پهرين ڊجيٽل پيمنٽ سسٽم (راست) جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو وزيراعظم چيو ته 22 ڪروڙ جي آبادي کي جيڪڏهن اسان رسمي معيشت جو حصو بڻايون ته ان کي هڪ اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته دنيا ۾ تيڪنالوجي جي شعبي ۾ جيڪا نواڻ اچي رهي آهي ان مان فائدو نه وٺنداسين ته هي 22 ڪروڙ ماڻهو بار بڻجي ويندا وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو بئنڪ ۾ ويندي ڊڄي ٿو بئنڪن ۾ به سوٽ پائڻ ۽ انگريزي ڳالهائيندڙ کي اهميت ڏني وڃي ٿي (راست) عام ماڻهو کي سهولت ملندي هن چيو ته هيٺين طبقي کي مٿي آڻڻ ئي حڪومت جي اصل ڪاميابي آهي خيبرپختونخواه ۾ اسان جي حڪومت آئي ته هي صوبو دهشتگردي جو شڪار ٿيو 500 کان 700 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا.وزيراعظم چيو ته ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ مطابق دنيا ۾غربت وڌي جڏهن ته پاڪستان ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽجي وئي هن چيو ته پورهيت ۽ عام طبقي جي ماڻهن وٽ بئنڪن ۾ وڃڻ جو وقت ناهي هوندو وزيراعظم چيو ته (راست) سان عام ماڻهو کي پنهنجي موبائيل فون جي ذريعي به بئنڪنگ جي سهولت حاصل ٿي ويندي ۽ سيونگ بهتر ٿيندي وزيراعظم چيوت ه پاڪستان ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي بي ريشو گهٽائي ان ڏس ۾ قدم کنيا پيا وڃن ايف بي آر ۾ به ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪنداسين هن چيو ته 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ رڳو20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا اهرا ماڻهو به آهن جن جو لائف اسٽائل تمام سٺو آهي ۽ گهرن ۾ گاڏيون بيٺيون آهن جڏهن ته هڪ رپيو به ٽيڪس نٿا ڏين هاڻي اسان ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي انهن تائين به پهچنداسين ۽ انهن کان به ٽيڪس وٺنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *