ماڊل ٽائون واقعي جي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي ها ته اڄ قصور پيش نه اچي ها: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب پوليس ۾ سفارشي ۽ سياسي ڀرتين جي ڪري امن و امان جي صورتحال خراب آهي، جيستائين پوليس اهلڪار رائيونڊ ۽ ماڊل ٽائون مان هدايتون وٺندا رهندا سندن ڪارڪردگي بهتر نه ٿيندي. قصور ۾ معصوم شهرين تي فائرنگ مذمت جوڳي آهي، ماڊل ٽائون سانحي جي  جوابدارن کي سزا ڏني وڃي ها ته اڄ قصور واقعو پيش نه اچي ها. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل ٻارڙي جي واقعي ۽ مظاهرو ڪندڙن تي پوليس تشدد جي حوالي سان پنهنجو ويڊيو بيان جاري ڪيو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته زينب سان جيڪو حادثو پيش آيو ان خلاف سڄي قوم روڊن تي آهي. اهو ڏک رڳو زينت جي وارثن کي ناهي پهتو پر هر پاڪستان کي ان جو صدمو پهتو آهي. اسان کي ڊپ آهي ته اسان جو معاشرو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ اهو پهريون ڀيرو ناهي پر قصور ۾ ان کان اڳ به ٻارن سان ظلم ٿي چڪا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته مون کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ان ڳالهه آهي ته اُهي مظاهرو ڪندڙ جيڪي روڊن تي نڪري پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن انهن تي پوليس گوليون وسايون. ملڪ جي پوليس ماڻهن جي محافظ آهي يا کيس قاتل بڻايو پيو وڃي. ساڳي پوليس ماڊل ٽائون ۾ عام ماڻهن کي قتل ڪيو هو. پنجاب پوليس کي غير سياسي بڻائڻ تائين امن نه ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *