ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ عام نه ڪرڻ بابت پنجاب حڪومت جي درخواست رد  

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي بابت  رپورٽ عام نه ڪرڻ بابت پنجاب حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ انڪوائري رپورٽ بابت روزاني ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف پنجاب سرڪار  جي درخواست رد ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني نئين بئنچ جوڙي وئي آهي. جسٽس عزيز شيخ بئنچ جي سربراهي  جوڙيل بئنچ جي ٻين ججن ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس شهباز رضوي شامل آهن. ان کان اڳ جسٽس ياور علي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني فل بئنچ ماڊل ٽائون سانحي بابت جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ ۽ اپيل جي درخواستن تي ٻڌڻي جي شروعات ڪئي ته عدالت چيو ته هڪ ئي معاملي تي مختلف نوعيت جون درخواستون اچي چڪيون آهن جن جي ٻڌڻي گڏ ممڪن ناهي. جسٽس ياور درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪئي جنهن سبب بئنچ ٽٽي وئي. جسٽس ياور ڪيس بابت فائلون چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي موڪليندي معاملو چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *