ماڊل لائبا خان پنهنجي نئين وڊيو سبب خوش بڻيل

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل لائبا خان پنهنجي نئين وڊيو “اينڊ هوگيا” جي ڪاميابي تي پرجوش آهي. اداڪاره ۽ فنڪاره ميگهاجي ۽ ڀارتي ڀنگڙا اسٽار وريندر سنگهه جي ڳايل گاني “اينڊ هوگيا” کي ميگهاجي آفيشل چينل تي رليز ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڀارت ۾ مشهوري مهم جاري آهي. ان وڊيو ۾ اداڪاره لائبا خان ماڊلنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ لائبا جي ڪم کي گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. لائبا خان جو چوڻ آهي ته کيس گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته سندس نئون وڊيو دنيا ۾ مقبوليت ماڻي رهيو آهي، ان جو واضح ثبوت سڄي دنيا مان ملندڙ ڪمينٽس ۽ مبارڪون آهن. لائبا خان وڌيڪ چيو ته ان ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ هوءَ ميگهاجي کي ڏئي ٿي، جنهن اهو گانو ڳايو ۽ پروموٽ ڪيو، مان مستقبل ۾ به ميگهاجي سان اهڙا پراجيڪٽس ڪندي رهنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *